صفاريه خاندان : ڪتاب ‘پيرائتي سنڌ ڪٿا’ جو مصنف ايم. ايڇ. پنهور هن خاندان جي باري ۾ لکي ٿو ته: عباسي خليفي المعتمد، صفاري خاندان جي يعقوب بن ليث کي 257هه/870-871ع ۾ ترڪستان، سجستان، ڪرمان ۽ سنڌ سميت اڀرندي واري سلطنت جو گورنر مقرر ڪيو هو. يعقوب بن ليث ۽ سندس ڀاءُ عمرو بن ليث سجستان ۾ ٽامي جي ٿانون جو ڌنڌو ڪندا هئا، انڪري ‘صفار’ يعني ‘ٺاٺار’ جي لقب سان مشهور ٿيا. يعقوب بن ليث کي پنهنجي ڌنڌي کان نفرت هئي. انهن ڏينهن ۾ سجستان جي هڪڙي شخص صالح بن نصر ڪنعاني، خلافت جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺي علوين جي طرفداري ڪندي، بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو هو. يعقوب انهيءَ باغي جماعت ۾ شامل هو، جنهن صالح جي مرڻ کان پوءِ جماعت جي اڳواڻي ڪئي. هن پهريائين محمد بن عبدالله بن طاهر کان هرات جو علائقو، ان کانپوءِ فارس جي گورنر علي بن حسين کان ڪرمان جو علائقو کسيو. ان کان پوءِ خليفي معتمد هن جو عراق تي حملو ڪرڻ وارو ارادو بدلائڻ خاطر، سنڌ، بلخ (پاختر) ۽ طبرستان وارا علائقا ڏئي ڇڏيا. ڪتاب ‘جنت السنڌ’ جو مصنف رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته: هن خاندان جي ٽن اميرن سنڌ تي حڪومت ڪئي، جن ۾ يعقوب کان پوءِ عمرو بن ليث ۽ طاهر بن محمد بن عمرو. هن خاندان جي اميرن جو سمورو وقت خراسان ۽ ٻين علائقن سان جنگين ڪرڻ ۽ گڏوگڏ سنڌ ۾ باغين کي دٻائڻ ۽ قتل ڪرڻ ۾ گذريو، انهيءَ دؤر ۾ هرهنڌ مذهبي فرقن جي باهمي ڇڪتاڻ ۽ سياسي طاقت لاءِ مقابلي بازي جي بازار گرم هئي. هي خاندان سنڌ تي گهڻو وقت قابض نه رهي سگهيو. ساڳئي عباسي خليفي 261هه ۾ سنڌ ۽ اڀرندي وارا پرڳڻا پنهنجي ڀاءُ ‘موافق’ عباس کي ڏئي ڇڏيا. (ڏسو: جلد نائون ‘سنڌ نمبر’) حقيقت ۾ سنڌ ۾ هي دور هباري آزاد حڪومت جو آهي. ان ڪري صفارين جو سنڌ تي نالي ماتر اثر رهيو. اهو امڪان آهي ته اڄوڪي بلوچستان جي ڳچ علائقن تي، صفاريه خاندان پنهنجو حڪم هلايو هجي.