صفر (مهينو): هيءَ اسلامي هجري سال جو ٻيو نمبر مهينو آهي. حرمت وارن ٽن مهينن گذرڻ کانپوءِ جڏهن صفر مهينو شروع ٿيندو هو تہ جھالت واري دور (اسلام کان اڳ) ۾ عرب جنگين لاءِ نڪرندا هئا، تڏهن پنهنجن گهرن کي خالي ڇڏي ويندا هئا. گهرن ۾ صِفر (يعني ڪجهہ بہ نہ) هئڻ ڪري هن مهيني جو نالو ئي صفر رکيائون. اسلام پاڪ کان اڳ هن مهيني کي نڀاڳو يا منحوس سڏيو ويندو هو ۽ ان ۾ شاديون مراديون شغل ۽ سفر نہ ڪيو ويندو هو، پر اسلام جي اچڻ کانپوءِ حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جن انهن خيالن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ صفر مهيني کي صفرالمظفر يعني ڪاميابيءَ جو مهينو قرار ڏنو. پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي طبيعت مبارڪ صفر مهيني جي آخري اربع تي ناساز ٿي هئي ۽ انهيءَ ئي بيماريءَ ۾ پاڻ صلي ﷲ عليہ وسلم ربيع الاول شريف ۾ وصال فرمايو هئائون.