صفرا Bile
صفرا جو تيزاب
صفرا جون ناڙيون
بائلي روبن
بائلي ورڊين
صُفرا (Bile): هي جيري ۾ تمام ننڍڙي هنڌ، جيري جي جيوگهرڙن (liver cells) ۾ ٺهندو آهي. Bile کي سنڌيءَ ۾ ‘پِتو’ چئبو آهي. اهو پت يا صُفرا گهاٽو ۽ نهايت کارو ڪوڙو لُعاب (پاڻيٺ:Alkaline bitter fluid) آهي، جيڪو باءِ ڪاربونيٽ (Bi-carbonate) جي ڪري کارو ۽ ڪوڙو ٿيندو آهي. صفرا جو رنگ ڦڪو، سونهري ڦڪو، سائو يا ناسي هوندو آهي. هن جي قدرتي لُعاب ۾ 86% سيڪڙو پاڻي، صفرا جو لوڻ (Bile salt)، صفرا جو ڪيميائي رنگ (Billirubin)، ڪوليسٽرول، فاسفولپڊ ۽ ٻيا ڪيميائي مادا هوندا آهن. روزانو هڪ نوجوان ماڻهوءَ جي جيري ۾ 500 کان 1000 ملي ليٽر (ML) صفرا ٺهندو ۽ رسندو/ نڪرندو آهي، پر اُهو مقدار کاڌي/ هاضمي دوران سڻڀين (Fats) شين جي هضم ٿيڻ واري مرحلي ۾ وڌي ويندو آهي. صفرا جيري مان نڪري اچي پتي (Gall bladder) ۾ گڏ ٿيندو آهي، جتان ضرورت آهر قدرتي عمل هيٺ جيري جي مُک نالي (Common Bile Duct, CBD) وسيلي ننڍي آنڊي جي مهڙ واري حصي (Duodenum) ۾ پهچندو آهي. صُفرا جا تيزاب (Bile Acids): اهڙا نامياتي تيزاب (تيزابي مادا: Organic Acids) جيڪي صفرا ۾ موجود هوندا آهن، جيئن گلاءِ ڪو ڪولڪ ائسڊ (Glyco Cholic Acid) ۽ ٽارو ڪولڪ ائسڊ (Tauro- cholic Acid) وغيره. هنن مان گهڻا تيزابي مادا جيرو پاڻ ٺاهيندا آهن ۽ انهن کان سواءِ ڪجهه ٻيا تيزابي مادا آنڊن ۾ جيوڙن (Bacteria) جي عمل ڪري ٺهندا آهن ۽ سڀئي صفرا ۾ شامل ٿي کاڌي، سڻڀين شين ۽ ڪجهه (تيزابي) مادن کي هضم ڪندا آهن. صُفرا جون ناڙيون (Bile Ducts): صُفرا جون ڪي به ناڙيون، جيڪي جيري مان صفرا (Bile) کي ٻاهر کڻي وڃن/ اچن، سي صفرا جون ناڙيون Bile Ducts) ) سڏبيون آهن. جيري جي اندر صفرا جي ننڍين وڏين ناڙين جو ڄار (Network) وڇايل هوندو آهي، جن جي وسيلي صُفرا جيري مان ٻاهر نڪري ٿو. جيري ۾ صفرا جون سنهڙيون ناڙيون (Biliary Ducts) گڏجي کاٻي پاسي کان جيري جي کاٻي ناڙي (Left Hepatic Duct) کي جوڙين ٿيون. اهڙيءَ طرح صفرا جون سنهڙيون ناڙيون گڏجي ساڄي پاسي کان جيري جي ساڄي ناڙي (Right Hepatic Duct) کي جوڙين ٿيون. اتي هڪ ٻي نالي (Cystic Duct) جيڪا پتي کان نڪرندي آهي، اُها پِتي جي نالي چار سينٽي ميٽر (يعني ڏيڍ انچ) ڊگهي هوندي آهي. هيءَ نالي (CD) ۽ جيري جي عام نالي (CHD) ٻئي گڏجي جيري جي مُک ۽ عام نالي (Common Bile Duct) جوڙينديون آهن، جيڪا مُک (عام) نالي 70 سينٽي ميٽر ڊگهي ۽ چار ملي ميٽر ويڪري ٿئي ٿي. هيءَ (CBD) جيري جي مُک (وڏي) نالي اڃا به اڳتي هلي لبلبي (Pancreas) جي پُٺ ڏئي لبلبي جي وڏي نالي (Pancreatic Duct) ساڻ گڏجي لبلبي جي جوڙ/ ويڪري کُٻ (Pancreatic ampulla) وٽ پاڻ ۾ ملن ٿيون. هي ٻئي ناليون (هڪ ٿي) ضرورت آهر صفرا جي رسد کي ننڍي آنڊي جي مهڙ واري حصي (Duodenum) تائين پهچائين ٿيون. صفرا جي ورڇ جو ڪم جيري ۽ لبلبي جي مشڪي ٻُنجڻي (Hepto- pancreatic Sphincter) وسيلي ٿيندو آهي. صـفـرا جـي رنـگـن جـو مرڪـب (Bile Pigments): هيـمـوگلـوبن (Hemoglobin) جي ٽـُٽـڻ جي عمل جي نتيجي ۾ رت جي رنگـن جـو مرڪب جيڪو جيري کانپوءِ صفرا ۾ داخل ٿيندو آهي، اُهو رنگن جو مرڪب هيٺين ٻن رنگن جو ٿيندو آهي: (i) بائلي روبن (Bilirubin): هن قسم جو صفرا جي مرڪب نارنگي رنگ جو يا ڦڪي رنگ جو ٿيندو آهي، جيڪو مرڪب رت جي وهڪري ۾ ٻيهر جذب ٿي ويندو آهي ۽ پيشاب کي قدرتي رنگ ڏيندو آهي. عام طرح سان رت جي 100 ملي لٽر (100 ml) ۾ 0.08 ملي گرام بائلي روبن تائين موجود هوندو آهي، پر جيڪڏهن رت جي 100 ملي ليٽر تي 1 کان 1.5 ملي گرامن کان مٿي بائلي روبن ٿي وڃي ته اهڙي حالت ۾ ماڻهو کي سائي/ يرقان (Jaundice) جي بيماري ٿي پوندي آهي، جيڪا جيري جي بيماري ليکي ويندي آهي. جنهن بيماريءَ ۾ مريض جون اکيون، زبان، چمڙي ۽ پيشاب ڦڪي سونهري يا ڦڪي سائي رنگ جو ٿي ويندو آهي. (ii) بائلي ورڊين (Biliverdin): هن قسم جي صفرا جي مرڪب جو رنگ سائو هوندو آهي، جيڪو ننڍي آنڊي (Small intestine) جي مواد ساڻ ملي ڪاڪوس (فضلي-faeces) کي قدرتي رنگ ڏيندو آهي. صفرا جا لوڻ (Bile Salts): صفرا جا ٻه خاص لوڻ آهن: سوڊيم گلائيڪوليٽ (Sodium Glycolate) ۽ سوڊيم ٽاروڪوليٽ (Sodium Taurocholate)، جيڪي ٻئي صفرا جا بنيادي ۽ مُک کارا لوڻ آهن. هي صفرا جا لوڻ چرٻي (Fat)، کاڌي روغن ۽ سڻڀ کي ڳاريندڙ (Emulsificative) آهن. هي لوڻ ننڍي آنڊي ۾ موجود چرٻي، روغن ۽ سڻڀ کي ڳارڻ کانپوءِ ٻيهر واپس جيري ۾ جذب ٿيندا آهن، جيئن ٻيهر چرٻي، سڻڀ ۽ روغن کي ڳارڻ جي ڪم (reuse) اچن.