صفر نانگرو

صفر نانگرو: مشھور ملھہ پهلوان صفر نانگرو، 1910ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. هن جي ڳوٺ ۾ ڪيترائي ملھہ پهلوان هوندا هئا، جن کي ملھہ وڙهندي ڏسي، کيس ملھہ وڙهڻ جو شوق ٿيو، پوءِ پنھنجي ڳوٺ جي هڪ پهلوان جمعي ڪمال شيديءَ کان تربيت وٺي ڌاڳو ٻڌائي ملھہ وڙهڻ جي شروعات ڪئي. ڪجهہ عرصو ٽئين جوڙ ۾ وڙهڻ کانپوءِ ڇھن سالن تائين ٻئي جوڙ ۾ وڙهيو. ان بعد پهرين جوڙ ۾ داخل ٿيو. پهرين جوڙ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ سڄي سنڌ جي ملاکڙن ۾ ويو، جتي اتر ۽ لاڙ جي مشھور پهلوانن سان مقابلا ڪري سرسي حاصل ڪيائين ۽ پوءِ باقاعدي لاڙ جي پهلوانن سان شامل ٿي اتر جي پهلوانن سان مقابلا ڪندو هو. هو ٺٽي ضلعي جو مشھور ملھہ پهلوان هو. ملھہ جي انگن جي ڄاڻ ۽ طاقت جي بهتر استعمال ڪري تمام گهڻو مشھور ٿيو ۽ ڪيترائي انعام حاصل ڪيائين. هن 1955ع کان ملھہ وڙهڻ ڇڏي ڏني.


هن صفحي کي شيئر ڪريو