صُفه: حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي زماني ۾ مسجد نبوي هڪ ڪچي ڀت جي چؤديواري هئي. ان احاطي جي اترئين پاسي کان کجيءَ جي ڦرهن سان ڍڪيل هڪ ڇپر هو. ان ڇپر کي ‘صُفه’ چيو ويندو هو. ان ۾ اهي اصحابي سڳورا رهندا هئا، جن دنيا جا سڀ لڳ لاڳاپا ٽوڙي، ترڪ دنيا ڪري فقيري اختيار ڪئي هئي ۽ سڄو وقت الله تعالى جي عبادت ۽ پرهيزگاريءَ ۾ گذاريندا هئا، جن جي پرگهور پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن لهندا هئا. انهن کي اصحاب ‘صفه’ چيو ويندو آهي.