صفهء صفا (ماڳ): مير ابوالقاسم نمڪين جڏهن بکر ۾ حاڪم ٿي آيو، ۽ بکر کي ئي پنھنجي مستقل رهائش لاءِ پسند ڪيائين. تڏهن اتي پنھنجي طرفان يادگار جوڙائڻ شروع ڪيائين. تڏهن هڪ ٽڪريءَ جو ماحول هن کي پسند آيو. ٽڪريءَ جي چوٽي صاف ڪرائي، چوڌاري ديوار ڏياري، سرن جو فرش ٻَڌرائي، چئن ڪنڊن تي چار منارا ۽ گوشا ٺهرائي، ان کي پنھنجي خاندان لاءِ قبرستان طور ڪتب آڻڻ جو ارادو ڪيو، پر ڪنهن بہ مدفن کان اڳ مير صاحب ان هنڌ کي چانڊوڪين راتين ۾ مجلس آرائيءَ لاءِ استعمال ڪيو ۽ ان جو نالو ‘صفهء صفا’ رکيو. ٽڪريءَ جي تاريخ: ان ٽڪريءَ کي قبرستان ٺھڻ کان اڳ ‘ستين جو ٿان’ سڏيو ويندو هو. جنهن کي فارسيءَ ۾ ‘ستياسر’ جي نالي سان لکيو ويو آهي. اڪبرنامي ۾ ان کي ‘ڪوه هفت دختر’ لکيو ويو آهي. ‘ماثرالامرا’ جي مصنف ان ٽڪريءَ تي ‘کارماتري’ ڪوٺي ٿو. بهرحال انهي صاف ٽڪريءَ مٿان چاندوڪين راتين جون مجلسون مير نمڪين جي زندگيءَ تائين جاري رهيون. پر 1018هجريءَ ۾ جڏهن پاڻ شھيد ٿيو، تڏهن کيس اتي دفنايو ويو ۽ پوءِ هي ماڳ قبرستان طور سندس خاندان وارن جو قبرستان ٿيو. قبرستان: ڏکڻ کان مٿي چڙهڻ لاءِ جيڪا ديوار هئي، ان جي ٻنهي پاسن کان خوبصورت حجرا ٺهيل هئا، جيڪي ڏينهن جي آرام لاءِ ڪتب ايندا هئا. اهڙيءَ ريت اتر پاسي اوڀر ۽ اولھہ ڪنڊن تي بہ حجرا هئا. جن جو رخ درياھہ طرف هو، ۽ صبح شام درياھہ جي نظاري ڏسڻ لاءِ ڪم ايندا هئا. فرش جي سطح کان ساڍا پنج فوٽ کن بلنديءَ تي هڪ ٿلهو آهي، جو ساڍا 48 فوٽ ڊگهو ۽ ساڍا 38 فوٽ ويڪرو آهي. ان تي جيڪي ڏھہ قبرون هيون، تن مان هڪ مير ابوالقاسم نمڪين جي آهي. ان ٿلهي جي چئني ڪنڊن تي ترڪي نموني جون مناريون آهن، جن جي اوچائي پنج فوٽن جيتري هئي. ڏکڻ طرف کان ٿلهي تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪا آهن. قبرن تي، منارين تي، ڪاشيءَ جو خوبصورت ڪم ۽ پٿر جي ڪتبن تي اُڪر جو عاليشان ڪم ٿيل آهي. مير صاحب جي نسبت سان هن ماڳ کي بعضي ٿان قاسم شاھہ بہ سڏيو ويو اهي. هن مقام ۾ قبرون 1609ع کان 1833ع جي وچ واري عرصي جون آهن.