صفوي دور

صفوي دور: ايران ۾ عرب فتوحات کانپوءِ، هي پهريون موقعو هو، جو وري ايراني قوم ‘صفوي’ بادشاهت جي صورت ۾، مڪمل آزادي ۽ آجپو ماڻيو. شاھہ اسماعيل صفوي هن گهراڻي جو پهريون بادشاھہ بنيو. صفوي خاندان جو سلسلو ستين امام حضرت موسيٰ ڪاظم عليہ السلام سان ملي ٿو. شيخ صفي الدين تعليم ۽ روحاني تربيت جو اعليٰ درجي جو رهبر ٿي گذريو. هن شيخ جي نسبت سان اسماعيل پاڻ کي ‘صفوي’ سڏائيندي فخر محسوس ڪيو. بادشاھہ اسماعيل تمام ڏکئي دور ۾ نروار ٿي ‘ايران’ جي قيادت ڪئي. صفويه سلسلي جي وڏي حلقي هن جي هٿ تي بيعت ڪئي. پاڻ مرحلي وار انهن کي سياسي شعور ۽ فوجي طاقت سان، مستحڪم ڪري پاڻ سان ملايائين. ست ترڪ قبيلا: استاجلو، شاملو، روملو، وارساق، ذوالقدر، قاچار ۽ افشار بہ هن جي اثر هيٺ هئا. ان ريت اسماعيل 1502ع ۾ ايران ۾ ‘صفوي دور’ جو بنياد رکيو. ان دور ۾ مرڪزي ايشيا ۾ وڏي افراتفري هئي. هن همٿ ڪري شيبانين جو خاتمو ڪيو. ارغون قنڌار ڇڏي سبي پهتا ۽ پوءِ سنڌ کي فتح ڪري، اتي حڪمراني ڪيائون. بابر هن سموري ماجرا کي سمجهي، ڪابل کي ڇڏي هندستان تي حملي آور ٿيو. نيٺ بابر 1526ع ۾ ننڍي کنڊ ۾ مغل بادشاهت قائم ڪري ورتي. ان ريت شاھہ اسماعيل لاءِ حڪومت ڪرڻ جو ميدان هموار ٿي ويو. شيبانين کان پوءِ ازبڪن کي شڪست ڏئي، مختلف علائقن تي قبضو ڪري، مملڪت کي وسيع ڪندو ويو. بادشاھہ اسماعيل ايران ۾ شيعه مذهب کي سرڪاري مذهب قرار ڏنو. ٻاويهن سالن جي حڪومت کان پوءِ، بادشاھہ اسماعيل 1524ع ۾ وفات ڪئي. صفوين ‘اصفهان’ کي ايران جو تختگاھہ مقرر ڪيو. ايران ۾ شاھہ اسماعيل جو شمار، ملڪ جي وڏن بادشاهن ۾ ٿئي ٿو. هن صفوي دور جو بنياد رکيو. آذربائيجان، عراق، خراسان، فارس، ڪرمان ۽ خوزستان جي علائقن کي فتح ڪري ايران ۾ شامل ڪيائين. ڪجهہ وقت لاءِ بلخ جا علائقا بہ هن جي قبضي ۾ رهيا. تاريخن ۾ هن کي عادل، نيڪ سيرت ۽ سخي بادشاھہ سڏيو ويو آهي. سندس وفات تي ايران ۾ ڳچ ڏينهن تائين، سوڳ ۽ ماتم جو ماحول ڇانيل رهيو. ايران تي هن خاندان جي ڏهن بادشاهن، هن ريت حڪمراني ڪئي: (1) شاھہ اسماعيل 1502- 1524ع (2) شاھہ طهماسپ 1524ع- 1576ع (3) شاھہ اسماعيل (ٻيو) 1576ع- 1577ع (4) سلطان محمد خدابنده 1577ع - 1587ع (5) شاه عباس اعظم 1587ع - 1629ع (6) شاه صفي 1629ع- 1642ع (7) شاه عباس (ٻيو) 1642ع - 1667ع (8) شاه سليمان 1667ع - 1694ع (9) سلطان حسين 1694ع- 1713ع (10) شاه طهماسپ (ٻيو) ؟ - ؟ (11) شاه عباس (ٽيون) ؟ - 1735ع نادر قلي عرف نادر شاه، شھزادي عباس کي (1732ع؟)، بادشاھہ مقرر ڪري، پاڻ ان جو ريجنٽ ٿي ويٺو. جڏهن 1735ع ۾ شاه عباس فوت ٿيو، تڏهن نادر شاه پنھنجي بادشاهت جو اعلان ڪيو. ائين عظيم صفوي سلطنت پنھنجي انجام کي پهتي. ليڪن حقيقت هي آهي ته، عملي طرح سان هي بادشاهت 1135ھہ/ 1722ع ۾ ختم ٿي چڪي، جڏهن مملڪتي مامرن ۾ افغانن جي دخل اندازي وڌي وئي، ۽ ايران جي هر شھر کي انهن ڦرڻ ۽ تاراج ڪرڻ شروع ڪيو. شاھہ اسماعيل صفوي مملڪت جو باني، هجڻ جي ڪري خاص اهميت رکي ٿو. ليڪن هن خاندان ۾ شاه عباس اعظم تمام گهڻي حيثيت وارو بادشاه ٿي گذريو آهي. صفوي دور ۾ پهرئين بادشاه ‘شيعت’ کي سرڪاري مذهب بنائڻ جو فرمان جاري ڪيو. جڏهن تہ شاه عباس اعظم ‘مشهد’ شھر تي ڌيان ڏنو، ۽ ان کي مذهبي لحاظ کان خاص رتبو ڏنو، ڇو تہ هِتي امام علي رضا عليہ السلام جو روضو هو. ان ڪري شاھہ عباس مذهبي طور، ايرانين کي مشهد ڏي متوجهہ ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو. بادشاھہ روضي جي تعمير ۽ هار سينگار لاءِ وڏيون رقمون ڏنيون، ۽ پاڻ بہ ڪيئي ڀيرا درگاه جي زيارت لاءِ آيو. سائڪس جو خيال آهي ته، صفوي دور هڪ سٺو زمانو گذريو. پر انهن قديم ايران جي وسعتن تي نظر نہ رکي ۽ نہ وري انهن علائقن کي حاصل ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي. ان ڪري صفوين کي هخامنشي ۽ ساساني دور جي ڀيٽ ۾، خاص اهميت ڏيڻ نہ کپي. (اي هسٽري آف پرشيا، جلد ٻيو، ص 230)


لفظ صفوي دورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو