صفوي دور

صفوي دور: ايران ۾ عرب فتوحات کانپوءِ، هي پهريون موقعو هو، جو وري ايراني قوم ‘صفوي’ بادشاهت جي صورت ۾، مڪمل آزادي ۽ آجپو ماڻيو. شاهه اسماعيل صفوي هن گهراڻي جو پهريون بادشاهه بنيو. صفوي خاندان جو سلسلو ستين امام حضرت موسيٰ ڪاظم عليه السلام سان ملي ٿو. شيخ صفي الدين تعليم ۽ روحاني تربيت جو اعليٰ درجي جو رهبر ٿي گذريو. هن شيخ جي نسبت سان اسماعيل پاڻ کي ‘صفوي’ سڏائيندي فخر محسوس ڪيو. بادشاهه اسماعيل تمام ڏکئي دور ۾ نروار ٿي ‘ايران’ جي قيادت ڪئي. صفويه سلسلي جي وڏي حلقي هن جي هٿ تي بيعت ڪئي. پاڻ مرحلي وار انهن کي سياسي شعور ۽ فوجي طاقت سان، مستحڪم ڪري پاڻ سان ملايائين. ست ترڪ قبيلا: استاجلو، شاملو، روملو، وارساق، ذوالقدر، قاچار ۽ افشار به هن جي اثر هيٺ هئا. ان ريت اسماعيل 1502ع ۾ ايران ۾ ‘صفوي دور’ جو بنياد رکيو. ان دور ۾ مرڪزي ايشيا ۾ وڏي افراتفري هئي. هن همٿ ڪري شيبانين جو خاتمو ڪيو. ارغون قنڌار ڇڏي سبي پهتا ۽ پوءِ سنڌ کي فتح ڪري، اتي حڪمراني ڪيائون. بابر هن سموري ماجرا کي سمجهي، ڪابل کي ڇڏي هندستان تي حملي آور ٿيو. نيٺ بابر 1526ع ۾ ننڍي کنڊ ۾ مغل بادشاهت قائم ڪري ورتي. ان ريت شاهه اسماعيل لاءِ حڪومت ڪرڻ جو ميدان هموار ٿي ويو. شيبانين کان پوءِ ازبڪن کي شڪست ڏئي، مختلف علائقن تي قبضو ڪري، مملڪت کي وسيع ڪندو ويو. بادشاهه اسماعيل ايران ۾ شيعه مذهب کي سرڪاري مذهب قرار ڏنو. ٻاويهن سالن جي حڪومت کان پوءِ، بادشاهه اسماعيل 1524ع ۾ وفات ڪئي. صفوين ‘اصفهان’ کي ايران جو تختگاهه مقرر ڪيو. ايران ۾ شاهه اسماعيل جو شمار، ملڪ جي وڏن بادشاهن ۾ ٿئي ٿو. هن صفوي دور جو بنياد رکيو. آذربائيجان، عراق، خراسان، فارس، ڪرمان ۽ خوزستان جي علائقن کي فتح ڪري ايران ۾ شامل ڪيائين. ڪجهه وقت لاءِ بلخ جا علائقا به هن جي قبضي ۾ رهيا. تاريخن ۾ هن کي عادل، نيڪ سيرت ۽ سخي بادشاهه سڏيو ويو آهي. سندس وفات تي ايران ۾ ڳچ ڏينهن تائين، سوڳ ۽ ماتم جو ماحول ڇانيل رهيو. ايران تي هن خاندان جي ڏهن بادشاهن، هن ريت حڪمراني ڪئي: (1) شاهه اسماعيل 1502- 1524ع (2) شاهه طهماسپ 1524ع- 1576ع (3) شاهه اسماعيل (ٻيو) 1576ع- 1577ع (4) سلطان محمد خدابنده 1577ع - 1587ع (5) شاه عباس اعظم 1587ع - 1629ع (6) شاه صفي 1629ع- 1642ع (7) شاه عباس (ٻيو) 1642ع - 1667ع (8) شاه سليمان 1667ع - 1694ع (9) سلطان حسين 1694ع- 1713ع (10) شاه طهماسپ (ٻيو) ؟ - ؟ (11) شاه عباس (ٽيون) ؟ - 1735ع نادر قلي عرف نادر شاه، شهزادي عباس کي (1732ع؟)، بادشاهه مقرر ڪري، پاڻ ان جو ريجنٽ ٿي ويٺو. جڏهن 1735ع ۾ شاه عباس فوت ٿيو، تڏهن نادر شاه پنهنجي بادشاهت جو اعلان ڪيو. ائين عظيم صفوي سلطنت پنهنجي انجام کي پهتي. ليڪن حقيقت هي آهي ته، عملي طرح سان هي بادشاهت 1135هه/ 1722ع ۾ ختم ٿي چڪي، جڏهن مملڪتي مامرن ۾ افغانن جي دخل اندازي وڌي وئي، ۽ ايران جي هر شهر کي انهن ڦرڻ ۽ تاراج ڪرڻ شروع ڪيو. شاهه اسماعيل صفوي مملڪت جو باني، هجڻ جي ڪري خاص اهميت رکي ٿو. ليڪن هن خاندان ۾ شاه عباس اعظم تمام گهڻي حيثيت وارو بادشاه ٿي گذريو آهي. صفوي دور ۾ پهرئين بادشاه ‘شيعت’ کي سرڪاري مذهب بنائڻ جو فرمان جاري ڪيو. جڏهن ته شاه عباس اعظم ‘مشهد’ شهر تي ڌيان ڏنو، ۽ ان کي مذهبي لحاظ کان خاص رتبو ڏنو، ڇو ته هِتي امام علي رضا عليه السلام جو روضو هو. ان ڪري شاهه عباس مذهبي طور، ايرانين کي مشهد ڏي متوجهه ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو. بادشاهه روضي جي تعمير ۽ هار سينگار لاءِ وڏيون رقمون ڏنيون، ۽ پاڻ به ڪيئي ڀيرا درگاه جي زيارت لاءِ آيو. سائڪس جو خيال آهي ته، صفوي دور هڪ سٺو زمانو گذريو. پر انهن قديم ايران جي وسعتن تي نظر نه رکي ۽ نه وري انهن علائقن کي حاصل ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي. ان ڪري صفوين کي هخامنشي ۽ ساساني دور جي ڀيٽ ۾، خاص اهميت ڏيڻ نه کپي. (اي هسٽري آف پرشيا، جلد ٻيو، ص 230)


لفظ صفوي دورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو