صفيه بنت عبدالمطلب رضي ﷲ عنها

صفيه بنتِ عبدالمطلب رضي ﷲ عنها: بي بي صفيه رضي ﷲ عنها نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي ڏاڏي عبدالمطلب جي ڌيءُ هئي. صفيه جي ماءُ جو نالو هاله بنتِ وهب هو. هاله وري پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي والدہ حضرت بيبي آمنہ رضي ﷲ عنها جي ڀيڻ هئي، ان ڪري صفيه پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم جي پڦي هجڻ سان گڏ ماسات بہ هئي. پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو چاچو حضرت امير حمزہ رضي ﷲ عنه بہ هاله جو پٽ هو ۽ بي بي صفيه جو ڀاءُ هو. صفيه جي شادي حارث سان ٿي، جيڪو ابو سفيان بن حرب جو ڀاءُ هو. ان مان بي بي صفيه رضي ﷲ عنه کي هڪ پٽ ڄائو. حارث جي انتقال کانپوءِ بي بي صفيه رضي ﷲ عنها جو نڪاح بي بي خديجه رضي ﷲ عنها جي ڀاءُ عوام رضي ﷲ عنه بن خويلد سان ٿيو، جنهن مان صفيه کي حضرت زبير رضي ﷲ عنه پيدا ٿيو. پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي پڦين مان فقط بي بي صفيه رضي ﷲ عنها کي اسلام جي سعادت نصيب ٿي. هن 73 سالن جي عمر ۾ سن 20 هجريءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو