صفي ﷲ ‘فدا’ علوي: سنڌي ادب جي نامور شاعر ۽ نثر نويس صفي ﷲ ‘فدا’ علوي، 17 مارچ 1890ع مطابق 25 رجب المرجب 1307 هجريءَ تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس سلسله نسب حضرت حاجي فقير ﷲ شاھہ علويءَ سان ملي ٿو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 19 جولاءِ 1897ع تي ورنيڪيولر اسڪول 2 ۾ داخل ٿيو، جتان 6 جولاءِ 1901ع تي چار درجا پاس ڪري ورنيڪيولر اسڪول 1 ۾ وڃي داخل ٿيو، جتان فائينل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ بعد ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان تربيت مڪمل ڪري 18 جنوري 1909ع تي استاد مقرر ٿيو. هن مختلف وقتن تي شڪارپور تعلقي جي سلطان ڪوٽ، حبيب ڪوٽ، عبدو، خانپور، ذرخيل، چوڏهيو، نبي شاھہ وڳڻ، جاڳڻ، همايون، ڪاڪيپوٽا ۽ مديجي جي پرائمري اسڪولن ۾ ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏنا. آخر ۾ 31 مارچ 1939ع ۾ ڪرن جي پرائمري اسڪول مان رٽائر ڪيائين. هن جي تعليم ۽ تربيت گهڻو ڪري سندس مامي مير محمد اسلم علويءَ جي نگراني ۾ ٿي، جنهن جي صحبت جو مٿس گهرو اثر ٿيو. مير محمد اسلم علوي پڻ سنڌي شاعر هو، جنهن ’فدا‘ کي ننڍپڻ کان علم عروض جي قاعدن کان روشناس ڪرايو ۽ باقاعدہ شاعريءَ جي تربيت ڏني. سندس ڪلام نهايت پڪو پختو ۽ پرڪشش آهي. ‘فدا’ وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جو مالڪ هو. تقريبن سڀني عروضي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، سندس ڪلام جو گهڻو ذخيرو اڻ لڀ ٿي ويو. باقي هڪ مڪمل ديوان پروفيسر امين ﷲ علوي وٽ قلمي صورت ۾ محفوظ آهي. پاڻ شاعر هجڻ سان گڏوگڏ سٺو نثر نويس بہ هو. سندس لکڻيون ماهوار اخبار، تعليم ۾ شايع ٿينديون هيون. سندس قلم ۾ رواني، سلاست ۽ برجستگيءَ موجود آهي. سندس ڪلام ۾ لفظن جي چونڊ ۽ خيالن جي فراواني نمايان نظر اچي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي هن مشھور عروضي شاعر 1 اپريل 1941ع تي وفات ڪئي. سندس شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
سري تن کان جدا توکي هجي درڪار حاضر آ
وڍي تنهن جي ڏيڻ کان ناھہ ڪو انڪار حاضر آ،
کڻي تلوار ترتئون تون هڻي وٺ سيگهہ ۾ سائين،
حڪم ۾ هوت بيٺي هيءَ نڌر نروار حاضر آ،
رکي مرضي مٺا پنھنجي قتل ڪر قرب مان ڪامل،
رضا تنھنجي مٿي راضي نماڻي يار حاضر آ،
نہ آ پرواھہ پيارل جي ويو، تنھنجي رضا ۾ سر،
نذر درگاھہ تنھنجي جو دلا دلدار حاضر آ،
اصل کان هي ولهي آهي وڪاڻل يار در تنهنجي،
بره جي باند ٿيل بردي بلاشڪ مان حاضر آ،
برابر بادشاھہ سهڻن سدا تنھنجي نہ ڪو جاني،
صدق قربان ’فدا‘ فائق اجهو سردار حاضر آ.