
صلاح الدين ايوبي جو پورٽريٽ
صلاح الدين ايوبي: مشھور اسلامي سپھہ سالار صلاح الدين ايوبيءَ جو اصل نالو يوسف هو، جڏهن تہ صلاح الدين سندس لقب هو. پاڻ 1138ع ۾ تڪرڪ ۾ ڄائو. جنهن کي هاڻي عراق چون ٿا. اصل ۾ هي ڪرد قبيلي سان واسطو رکندڙ هو. هي ڪرد قبيلي جا ماڻهو اصل ۾ آرمينيا جا هئا. سندس والد جو نالو نجم الدين ايوب هو، جيڪو تڪرڪ قلعي جو وارڊن هو. هن پهريون ڀيرو 1132ع ۾ امداد دين زنگي جي فوج کي شڪست ڏني، پر سندس شھرت جو آغاز ان وقت ٿيو، جڏهن شير ڪوه مصر جي خلاف پنھنجي پهرين مھم ۾ هن کي گڏ کڻي ويو. شير ڪوھہ، صلاح الدين کي حڪم ڏنو تہ پاڻ بلبس ۽ هن ضلعي جو محاصرو ڪري اتان خراج وصول ڪري، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اتي گهمسان جي جنگ شروع ٿي وئي. شاور پنهنجو پاڻ کي مشڪل ۾ محسوس ڪندي شاھہ امويءَ کي مدد لاءِ مدعو ڪيو. جيتوڻيڪ شيرڪوه ۽ صلاح الدين، بلبس ۾ قلعو بند ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا. پوءِ بہ هنن وڏي مدافعت ڪئي، پر شاور ۽ شاھہ اموي ان کي سر نہ ڪري سگهيا.560 ھہ جي آغاز ۾ شيرڪوه، صلاح الدين جي پنھنجي فوجن کي صحيح سلامت وٺي شام پهتو. هن جنگ جو سڀ کان اهم نتيجو اهو نڪتو جو نورالدين ۽ ان جي ساٿين کي مصر جي دولت ۽ ان جي طاقت جو بخوبي اندازو ٿي ويو. شيرڪوه جي دل ۾ هن کي فتح ڪرڻ ۽ ان ۾ آباد ٿيڻ جو شوق پيدا ٿيو. پر صليبي جنگين جي ڪري نورالدين زنگي پنھنجي فوجن کي منتشر ڪرڻ نہ ٿي چاهيو. ٽن سالن کانپوءِ شاور، امويءَ سان هڪ نئون معاهدو ڪري ورتو ۽ شيرڪوه کي ٻيهر مصر تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن ٻيهر صلاح الدين کي پاڻ سان گڏ کنيو. شيرڪوه جڏهن قاهره پهتو تہ ماڻهن نجات ڏياريندڙ جي حيثيت سان هن جو استقبال ڪيو، پر شاور هن جي خلاف ئي رهيو. هڪ دعوت جي موقعي تي کيس قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اوچتو سازش جي خبر پئجي وئي. صلاح الدين، شاور کان بدلو وٺڻ جو پڪو پھہ ڪيو. هڪ ڏينهن جڏهن شاور گهوڙي تي اڪيلو سفر ڪري رهيو هو تہ صلاح الدين ان کي قتل ڪري ڇڏيو. خليفي کي پنھنجي ظالم وزير کان نجات حاصل ڪرڻ جي خوشي حاصل ٿي. هن شيرڪوه کي پنهنجو وزير نامزد ڪيو. ٻن مهينن کانپوءِ شيرڪوه وفات ڪري ويو تہ خليفي صلاح الدين کي الملڪ الناصر جو خطاب ڏئي وزير مقرر ڪيو. سياه فام محافظ محل ۾ سازشن ۾ مصروف رهيا. فرنگين کي صلاح الدين جي حڪومت بلڪل نہ وڻندي هئي ۽ اهي هن کي يروشلم لاءِ خطرو محسوس ڪندا هئا. هنن فرانس، جرمني، انگلستان، رومي شهنشاھہ ۽ روم ۾ عيسائين جي رهبر کان فوري مدد لاءِ ايلچي روانا ڪيا. اهي قسطنطنيه جي طرف کان هڪ فوجي لٽيرو ۽ ڏکڻ اطاليه جي طرفان هڪ امدادي فوج حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. صلاح الدين، نورالدين جي ننڍي پٽ الملڪ الصالح اسمجل کي بادشاھہ تسليم ڪري ورتو ۽ پاڻ صقليه جي ناظمن سان وڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويو. صلاح الدين کي هن لڙائي ۾ بي شمار مال غنيمت هٿ آيو. نور الدين بہ وصال ڪري ويو هو. جيتوڻيڪ صلاح الدين بغير ڪنهن ڊپ جي وسيع اختيارن جو مالڪ هو. ان کان پوءِ سمورو ڌيان پنھنجي نصب العين يعني صليبن جي خلاف جنگ ۾ صرف ڪيائين. صلاح الدين مسلم علائقن ۾ بلا شرڪت غير قبضو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهيو. هن ڪي سال شام جو ڪجهہ علائقو فتح ڪرڻ ۽ عراق تي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ صرف ڪيا. 579ھہ/ 1183ع ۾ صلاح الدين ۽ بالڊون پنجين جي وچ ۾ هڪ صلح نامو طئہ ٿيو، پر ٿوري عرصي ۾ بالڊون پنجون مري ويو ۽ بدامني ڦهلجي وئي. ريمنڊ جي دشمنن هن کي صلاح الدين تي حملي ڪرڻ جو مشورو ڏنو. هن ائين ئي ڪيو، پر هن کي شڪست فاش ٿي. بادشاھہ ۽ ان جي وزيرن جي ڪثير تعداد کي قيد ڪيو ويو. صلاح الدين بادشاھہ جو دوستانو استقبال ڪيو ۽ هن جو قلعه ظيريه تي قبضو ٿي ويو، جنهن طريقي سان جنگ قرون حماة کانپوءِ هن کي شام جي حڪمراني ملي وئي هئي. اهڙيءَ طرح حطين جي جنگ کانپوءِ هن جو فلسطين ۽ يروشلم تي قبضو ٿي ويو. صلاح الدين اعلان ڪيو تہ چاليهن ڏينهن جي اندر اندر عيسائي شھر مان نڪري سگهن ٿا، پر شرط هيءُ آهي تہ في مرد ڏھہ دينار، في عورت پنج دينار ۽ في ٻار هڪ دينار تاوانِ جنگ ادا ڪندا. گهڻن ماڻهن کي هنن بغير فديي جي ڇڏي ڏنو. ڏهن هزارن جو فديو هن پاڻ ادا ڪيو. هڪ ليکڪ سلطان جي عظمت ۽ ظرف جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته، هڪ بہ واقعو پيش نہ آيو جو ڪنهن عيسائي سان زيادتي ٿي هجي. قبته الصغره ۽ ’مسجد الاقصى‘ کي بحال ڪيو ويو. يروشلم جي فتح جو جشن ملهائڻ ۾ پوري اسلامي دنيا شريڪ هئي. فلسطين جو گهڻو حصو صلاح الدين جي حڪمراني ۾ اسلام جي پرچم هيٺ اچي چڪو هو. هن جو نمايان نصب العين فاطمي خلافت جو خاتمو ۽ عيسائين سان فيصله ڪن جنگ هو، جن جي جنگي حرڪتن ڪري وچ اوڀر جو امن وامان خطري ۾ پئجي ويو هو ۽ حج جو رستو بہ محفوظ نہ رهيو هو. ان ڪري يقيني طور تي چئي سگهجي ٿو تہ صلاح الدين ايوبي پنھنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو. صلاح الدين کي پنھنجي بقايا زندگي آرام سان گذارڻ جو موقعو ملي چڪو هو. هن يروشلم کي مستحڪم ڪيو ۽ اطمينان سان دمشق طرف هليو ويو جتي ماڻهن هن جو شاندار استقبال ڪيو. غازي صلاح الدين صفر 589ھہ/ مارچ 1193ع ۾ وفات ڪئي. ان وقت هن جي عمر 55 سال هئي. هن جا مائٽ هن جا شيدائي هئا. هن جو اقتدار هن جي صلاحيت، رحم دلي، خدا ترسي، عفودرگذر ۽ بردباري تي ٻڌل هو.