صلاح الدين ايوبي جو پورٽريٽ

صلاح الدين ايوبي جو پورٽريٽ

صلاح الدين ايوبي

صلاح الدين ايوبي: مشهور اسلامي سپهه سالار صلاح الدين ايوبيءَ جو اصل نالو يوسف هو، جڏهن ته صلاح الدين سندس لقب هو. پاڻ 1138ع ۾ تڪرڪ ۾ ڄائو. جنهن کي هاڻي عراق چون ٿا. اصل ۾ هي ڪرد قبيلي سان واسطو رکندڙ هو. هي ڪرد قبيلي جا ماڻهو اصل ۾ آرمينيا جا هئا. سندس والد جو نالو نجم الدين ايوب هو، جيڪو تڪرڪ قلعي جو وارڊن هو. هن پهريون ڀيرو 1132ع ۾ امداد دين زنگي جي فوج کي شڪست ڏني، پر سندس شهرت جو آغاز ان وقت ٿيو، جڏهن شير ڪوه مصر جي خلاف پنهنجي پهرين مهم ۾ هن کي گڏ کڻي ويو. شير ڪوهه، صلاح الدين کي حڪم ڏنو ته پاڻ بلبس ۽ هن ضلعي جو محاصرو ڪري اتان خراج وصول ڪري، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اتي گهمسان جي جنگ شروع ٿي وئي. شاور پنهنجو پاڻ کي مشڪل ۾ محسوس ڪندي شاهه امويءَ کي مدد لاءِ مدعو ڪيو. جيتوڻيڪ شيرڪوه ۽ صلاح الدين، بلبس ۾ قلعو بند ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا. پوءِ به هنن وڏي مدافعت ڪئي، پر شاور ۽ شاهه اموي ان کي سر نه ڪري سگهيا.560 هه جي آغاز ۾ شيرڪوه، صلاح الدين جي پنهنجي فوجن کي صحيح سلامت وٺي شام پهتو. هن جنگ جو سڀ کان اهم نتيجو اهو نڪتو جو نورالدين ۽ ان جي ساٿين کي مصر جي دولت ۽ ان جي طاقت جو بخوبي اندازو ٿي ويو. شيرڪوه جي دل ۾ هن کي فتح ڪرڻ ۽ ان ۾ آباد ٿيڻ جو شوق پيدا ٿيو. پر صليبي جنگين جي ڪري نورالدين زنگي پنهنجي فوجن کي منتشر ڪرڻ نه ٿي چاهيو. ٽن سالن کانپوءِ شاور، امويءَ سان هڪ نئون معاهدو ڪري ورتو ۽ شيرڪوه کي ٻيهر مصر تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن ٻيهر صلاح الدين کي پاڻ سان گڏ کنيو. شيرڪوه جڏهن قاهره پهتو ته ماڻهن نجات ڏياريندڙ جي حيثيت سان هن جو استقبال ڪيو، پر شاور هن جي خلاف ئي رهيو. هڪ دعوت جي موقعي تي کيس قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اوچتو سازش جي خبر پئجي وئي. صلاح الدين، شاور کان بدلو وٺڻ جو پڪو پهه ڪيو. هڪ ڏينهن جڏهن شاور گهوڙي تي اڪيلو سفر ڪري رهيو هو ته صلاح الدين ان کي قتل ڪري ڇڏيو. خليفي کي پنهنجي ظالم وزير کان نجات حاصل ڪرڻ جي خوشي حاصل ٿي. هن شيرڪوه کي پنهنجو وزير نامزد ڪيو. ٻن مهينن کانپوءِ شيرڪوه وفات ڪري ويو ته خليفي صلاح الدين کي الملڪ الناصر جو خطاب ڏئي وزير مقرر ڪيو. سياه فام محافظ محل ۾ سازشن ۾ مصروف رهيا. فرنگين کي صلاح الدين جي حڪومت بلڪل نه وڻندي هئي ۽ اهي هن کي يروشلم لاءِ خطرو محسوس ڪندا هئا. هنن فرانس، جرمني، انگلستان، رومي شهنشاهه ۽ روم ۾ عيسائين جي رهبر کان فوري مدد لاءِ ايلچي روانا ڪيا. اهي قسطنطنيه جي طرف کان هڪ فوجي لٽيرو ۽ ڏکڻ اطاليه جي طرفان هڪ امدادي فوج حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. صلاح الدين، نورالدين جي ننڍي پٽ الملڪ الصالح اسمجل کي بادشاهه تسليم ڪري ورتو ۽ پاڻ صقليه جي ناظمن سان وڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويو. صلاح الدين کي هن لڙائي ۾ بي شمار مال غنيمت هٿ آيو. نور الدين به وصال ڪري ويو هو. جيتوڻيڪ صلاح الدين بغير ڪنهن ڊپ جي وسيع اختيارن جو مالڪ هو. ان کان پوءِ سمورو ڌيان پنهنجي نصب العين يعني صليبن جي خلاف جنگ ۾ صرف ڪيائين. صلاح الدين مسلم علائقن ۾ بلا شرڪت غير قبضو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهيو. هن ڪي سال شام جو ڪجهه علائقو فتح ڪرڻ ۽ عراق تي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ صرف ڪيا. 579هه/ 1183ع ۾ صلاح الدين ۽ بالڊون پنجين جي وچ ۾ هڪ صلح نامو طئه ٿيو، پر ٿوري عرصي ۾ بالڊون پنجون مري ويو ۽ بدامني ڦهلجي وئي. ريمنڊ جي دشمنن هن کي صلاح الدين تي حملي ڪرڻ جو مشورو ڏنو. هن ائين ئي ڪيو، پر هن کي شڪست فاش ٿي. بادشاهه ۽ ان جي وزيرن جي ڪثير تعداد کي قيد ڪيو ويو. صلاح الدين بادشاهه جو دوستانو استقبال ڪيو ۽ هن جو قلعه ظيريه تي قبضو ٿي ويو، جنهن طريقي سان جنگ قرون حماة کانپوءِ هن کي شام جي حڪمراني ملي وئي هئي. اهڙيءَ طرح حطين جي جنگ کانپوءِ هن جو فلسطين ۽ يروشلم تي قبضو ٿي ويو. صلاح الدين اعلان ڪيو ته چاليهن ڏينهن جي اندر اندر عيسائي شهر مان نڪري سگهن ٿا، پر شرط هيءُ آهي ته في مرد ڏهه دينار، في عورت پنج دينار ۽ في ٻار هڪ دينار تاوانِ جنگ ادا ڪندا. گهڻن ماڻهن کي هنن بغير فديي جي ڇڏي ڏنو. ڏهن هزارن جو فديو هن پاڻ ادا ڪيو. هڪ ليکڪ سلطان جي عظمت ۽ ظرف جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته، هڪ به واقعو پيش نه آيو جو ڪنهن عيسائي سان زيادتي ٿي هجي. قبته الصغره ۽ ’مسجد الاقصى‘ کي بحال ڪيو ويو. يروشلم جي فتح جو جشن ملهائڻ ۾ پوري اسلامي دنيا شريڪ هئي. فلسطين جو گهڻو حصو صلاح الدين جي حڪمراني ۾ اسلام جي پرچم هيٺ اچي چڪو هو. هن جو نمايان نصب العين فاطمي خلافت جو خاتمو ۽ عيسائين سان فيصله ڪن جنگ هو، جن جي جنگي حرڪتن ڪري وچ اوڀر جو امن وامان خطري ۾ پئجي ويو هو ۽ حج جو رستو به محفوظ نه رهيو هو. ان ڪري يقيني طور تي چئي سگهجي ٿو ته صلاح الدين ايوبي پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو. صلاح الدين کي پنهنجي بقايا زندگي آرام سان گذارڻ جو موقعو ملي چڪو هو. هن يروشلم کي مستحڪم ڪيو ۽ اطمينان سان دمشق طرف هليو ويو جتي ماڻهن هن جو شاندار استقبال ڪيو. غازي صلاح الدين صفر 589هه/ مارچ 1193ع ۾ وفات ڪئي. ان وقت هن جي عمر 55 سال هئي. هن جا مائٽ هن جا شيدائي هئا. هن جو اقتدار هن جي صلاحيت، رحم دلي، خدا ترسي، عفودرگذر ۽ بردباري تي ٻڌل هو.


لفظ صلاح الدين ايوبيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو