صلاح الدين شاھہ

صلاح الدين شاھہ: علي شير قانع هن کي مير صلاح الدين جي نالي سان ياد ڪيو آهي. اصل لڪعلوي (لڪي) جي سيدن مان آهي. پنھنجي ذاتي صلاحيت وسيلي، دين خواه دنيا جي سڌاري ۾ ڪوشش ڪري نالو ڪڍيائين. هن کي درگاھہ جي سجادہ نشيني نصيب ٿي. ڀڳي ٺوڙهي ٽڪر تي هڪ ننڍو قلعو هن جو يادگار آهي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 351) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته، لعل شھباز جي وفات کان پوءِ سيوهڻ ۾ اچي، حضرت ابراهيم شاھہ (جتي) جو طالب ٿيو. هي بزرگ لعل سائينءَ جو سجادہ نشين ثابت آهي. هن کي گهڻو اولاد ٿيو. ان ڪري ‘اولادي مير’ سڏجڻ ۾ آيو. شاھہ اولاديءَ جي ڪافي سندس يادگار آهي. هن وقت اولادي ڪافيءَ جو گادي نشين سيد مراد علي شاھہ ۽ خليفو محمد شاھہ (2009ع) آهي.


لفظ صلاح الدين شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو