صلب بن قاسم: هيءُ محمد بن قاسم جو ڀاءُ هو، جڏهن حجاج بن يوسف محمد بن قاسم کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، تڏهن محمد بن قاسم سان سندس ڀاءُ بن قاسم'>صلب بن قاسم بہ گڏ هو. بن قاسم'>صلب بن قاسم پڻ وڏو بھادر ۽ جنگي فن جو ماهر هو. بن قاسم'>صلب بن قاسم هر موڙ تي ان مهارت سان سنڌ جي فوج کي شڪست ڏيندو اڳتي وڌندو رهيو. راجا ڏاهر جي شڪست ۽ سندس قتل کان پوءِ محمد بن قاسم، حجاج بن يوسف ڏانهن خط لکيو هو، تنهن ۾ پنهنجن ٻين اميرن ۽ وزيرن سان گڏ پنھنجي ڀاءُ بن قاسم'>صلب بن قاسم ۽ هڪ آزاد ڪيل غلام نالي مصعب جي ڏاڍي تعريف ڪئي. محمد بن قاسم جي خط جي جواب ۾ حجاج بن يوسف کيس خط لکي سنڌ جي فتح تي مبارڪون ڏنيون ۽ اهو بہ لکيائين تہ ’توکي ثقيف جي آزاد ڪيل غلام مصعب جي ايڏي تعريف ڪرڻ مناسب نہ آهي ان کان تون پنھنجي ڀاءُ بن قاسم'>صلب بن قاسم جي تعريف ڪر.‘