صلوات التسبيح

صلوات التسبيح: هيءَ نماز چار رڪعتون ڪري پڙهي وڃي ٿي. هيءَ نفلي عبادت آهي، هن جي هر رڪعت ۾ الحمد شريف ۽ سورت پڙهڻ کانپوءِ هيٺين دعا 15 ڀيرا ۽ هر رڪوع، سجدن، جلسه ۽ قعدہ ۾ ڏھہ ڏھہ ڀيرا پڙهبي آهي. بزرگن جي قول موجب هن نماز پڙهڻ سان سڀ ننڍا وڏا، اڳيان پويان، نوان پُراڻا، ظاهري ڳجها گناھہ معاف ٿي وڃن ٿا. هي نماز هر روز پڙهجي، نہ تہ هر جمعي تي پڙهجي. جيڪڏهن اهو بہ نہ ٿي سگهي تہ مهيني ۾ هڪ ڀيرو، اهو بہ نہ ٿي سگهي تہ سال ۾ هڪ ڀيرو. پر جي ائين بہ نہ ٿئي تہ گهٽ ۾ گهٽ سڄي حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ضرور پڙهڻ گهرجي. دعا هيءَ آهي: سُبحَانَ وَالحَمدُ للهِ وَلاَ اِلھَٰ اِلاالله واللهُ اَڪبرُ. (حوالو: شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا)


هن صفحي کي شيئر ڪريو