صليب

صليب

صليب

صليب: هيءُ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ‘سولي، سوري، ڦاهي’ وغيرہ. ان جو جمع ‘صلب، صلبان’ آهي. ان جي عام معنائن جو اطلاق ڪن خاص صورتن ۾ بہ ٿئي ٿو. مثال طور اهو نشان جيڪو اٺن جي کل تي داغ هڻي ٺاهيو وڃي ٿو ۽ ان جي شڪل صليب جهڙي هوندي آهي. صليب جي هڪ خاص شڪل عيساين وٽ مروج آهي. قرآن مجيد ۾ ان جو استعمال فعل جي صورت ۾ ٿيو آهي. “انهن حضرت عيسى کي نہ قتل ڪيو ۽ نہ سوريءَ تي چاڙهيو. (النساءَ)” حديثن ۾ صليب جو ذڪر قيامت جي بيان اندر آيو آهي: “حضرت عيسى عه جو آخري ڏينهن ٻيهر ظھور ٿيندو، هو دجال سان وڙهندو، شرارتين کي قتل ڪندو ۽ صليب کي ڀڃي ڀورا ڪندو. (بخاري ۽ مسلم)” قيامت جي ڏينهن سڀئي امتون پنھنجي نشانن ۽ بتن سان گڏ تعالى جي سامهون حاضر ٿينديون. نصارا صليب جي پٺيان هوندا ۽ مڃيندا تہ اهي مسيح ابن مريم جي پوڄا ڪندا هئا، جھنم ۾ وڌا ويندا. (بخاري)” صحيح بخاريءَ ۾ هڪ ثوب مصلب جو ذڪر آهي، يعني اهڙو ڪپڙو، جنهن ۾ صليب جي شڪل ٺاهي ويئي هئي. حضرت عائشہ رضہ پاڻ ڪريمن صلي عليہ وسلم جن جي حڪم سان ڪپڙي جي انهيءَ حصي کي ڪتري ڦٽي ڪيو، جنهن ۾ صليب جي شڪل ٺهيل هئي، ڇو تہ ان سان نماز ۾ رنڊڪ پوندي هئي. لغت جي عالمن جو چوڻ آهي تہ نصارا صليب کي قبلي طور بہ استعمال ڪندا هئا، يا ان مان حضرت عيسى جي صليب تي چڙهيل تصوير جي سامهون دعا گهرڻ جي نصراني رسم جي طرف اشارو ٿي سگهي ٿو.


لفظ صليبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو