صمد

صمد (اسماء الحسنيٰ): هن جي معنيٰ ‘بي نياز’ جيڪو ڪنهن جو بہ محتاج نہ هجي، اسين پنھنجي حاجتن ۾ سائينءَ جا محتاج آهيون. سڀئي انسان پنھنجي ضرورتن موجب تعاليٰ جي بارگاھہ ۾ سوال ڪندا آهن ۽ پنھنجي حاجتن لاءِ کيس پڪاريندا آهن. هو گنهگارن جي بہ ٻڌي ٿو ۽ پنھنجي نيڪ پرهيزگار ۽ عبادتگذار بندن جي بہ ٻڌي ٿو، هي اسم جلالي آهي. هن جا ابجدي اعداد 132 آهن. قرآن مجيد ۾ صرف هڪ دفعو سورة اخلاق ۾ آيو آهي.


لفظ صمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو