صمصام الدوله خطاب

صمصام الدوله (خطاب): هيءُ خطاب سنڌ جي نامور ڪلهوڙا حڪمران ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي کي افغان درٻار طرفان عطا ٿيو هو. ڪڇ تي جڏهن ميان غلام شاھہ پهرين چڙهائي 1176ھہ/ 1763ع ۾ ۽ ٻي چڙهائي 1178ھہ/ 1764ع ۾ ڪري فتحياب ٿي واپس موٽي رهيو هو ته، کيس افغاني درٻار طرفان ‘صمصام الدوله’ جو خطاب عطا ٿيو. صمصام الدوله خطاب ايترو تہ مشھور ٿيو، جو هر خاص و عام، گهڻو ڪري سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي کي ‘صمصام الدوله’ جي نالي سان پڪاريندا هئا. ان کان اڳ ميان صاحب کي ‘شاھہ ويردي خان’ جو خطاب پڻ مليو هو.


لفظ صمصام الدوله خطابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو