صهيب رضي ﷲ عنه بن سنان: رسول اڪرمصلي ﷲ عليہ وسلم جن جي نامور اصحابي سڳوري صهيب رضي ﷲ عنه روميءَ جي ڪنيت ابو يحييٰ، هن جي والد جو نالو سنان ۽ والدہ جو نالو سھي بنت مقيد هو. هو الجزيره جو رهاڪو هو. سندس والد ۽ چاچو ايران جي بادشاھہ ڪسريٰ جي طرفان ابله جا حاڪم هئا. ابله تي جڏهن رومي فوج ڪاھہ ڪئي تہ صهيب رضي ﷲ عنه کي قيد ڪري پاڻ سان وٺي ويا. صهيب رضي ﷲ عنه ان وقت ننڍڙو هو، جڏهن وڏو ٿيو تہ کيس وڪيو ويو ۽ بنو ڪلب قبيلي وارا هن کي خريد ڪري مڪي وٺي آيا. جڏهن صهيب رضي ﷲ عنه پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم جن سان ملڻ آيو تہ ان وقت اسلام جي تبليغ نهايت خاموشيءَ سان ٿي رهي هئي ۽ گهڻي ڀاڱي ماڻهو ڳجهيءَ طرح اسلام قبول ڪري رهيا هئا. صهيب رضي ﷲ عنه جي ڀاڳ واري قلب ۾ روشني موجود هئي، جنهن هن کي هدايت جي واٽ ڏيکاري ۽ هو جلد ئي پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي حضور ۾ حاضر ٿي مسلمان ٿي ويو. پاڻ انهيءَ جماعت ۾ شامل آهي، جيڪا اسلام جي اشاعت جي پهرين ٽن سالن ۾ ڳجهيءَ ريت مسلمانن جي منظم تنظيم ڪوٺي وڃي ٿي. پاڻ روميين مان سڀني کان پهريون مسلمان آهي ۽ مهاجرن مان آخري مهاجر آهي، جيڪو مڪي کان مديني شريف هجرت ڪري آيو. حضرت صهيب رضي ﷲ عنه ماهر تير انداز هو، جنهنڪري سڀني غزون (جنگين) ۾ شريڪ ٿي، پنھنجي مهارت جا جوهر ڏيکاريا. پاڻ حضرت عمر فاروق رضي ﷲ عنه جن جي وصيت موجب سندن وصال کان پوءِ ٽن ڏينهن تائين مسلمانن جو خليفو رهيو، جيستائين مجلس شوريٰ نئين خليفي جي چونڊ نہ ڪئي، حضرت صهيب رضي ﷲ عنه مهمان نوازي، سخاوت، حاضر جوابي، خوش طبعي ۽ لطيفي ٻڌائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ معزز اصحابن ۾ ڳڻيو ويندو هو. 72 سالن جي ڄمار ۾ 38 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.