صهيب رضہ بن سنان

صهيب رضہ بن سنان: رسول اڪرمصه جن جي نامور اصحابي سڳوري صهيب رضہ روميءَ جي ڪنيت ابو يحييٰ، هن جي والد جو نالو سنان ۽ والدہ جو نالو سھي بنت مقيد هو. هو الجزيره جو رهاڪو هو. سندس والد ۽ چاچو ايران جي بادشاھہ ڪسريٰ جي طرفان ابله جا حاڪم هئا. ابله تي جڏهن رومي فوج ڪاھہ ڪئي تہ صهيبرضه کي قيد ڪري پاڻ سان وٺي ويا. صهيبرضه ان وقت ننڍڙو هو، جڏهن وڏو ٿيو تہ کيس وڪيو ويو ۽ بنو ڪلب قبيلي وارا هن کي خريد ڪري مڪي وٺي آيا. جڏهن صهيبرضه پاڻ ڪريمن صلي عليہ وسلم جن سان ملڻ آيو تہ ان وقت اسلام جي تبليغ نهايت خاموشيءَ سان ٿي رهي هئي ۽ گهڻي ڀاڱي ماڻهو ڳجهيءَ طرح اسلام قبول ڪري رهيا هئا. صهيبرضه جي ڀاڳ واري قلب ۾ روشني موجود هئي، جنهن هن کي هدايت جي واٽ ڏيکاري ۽ هو جلد ئي پاڻ ڪريمن صلي عليہ وسلم جن جي حضور ۾ حاضر ٿي مسلمان ٿي ويو. پاڻ انهيءَ جماعت ۾ شامل آهي، جيڪا اسلام جي اشاعت جي پهرين ٽن سالن ۾ ڳجهيءَ ريت مسلمانن جي منظم تنظيم ڪوٺي وڃي ٿي. پاڻ روميين مان سڀني کان پهريون مسلمان آهي ۽ مهاجرن مان آخري مهاجر آهي، جيڪو مڪي کان مديني شريف هجرت ڪري آيو. حضرت صهيبرضه ماهر تير انداز هو، جنهنڪري سڀني غزون (جنگين) ۾ شريڪ ٿي، پنھنجي مهارت جا جوهر ڏيکاريا. پاڻ حضرت عمر فاروق رضي عنها جن جي وصيت موجب سندن وصال کان پوءِ ٽن ڏينهن تائين مسلمانن جو خليفو رهيو، جيستائين مجلس شوريٰ نئين خليفي جي چونڊ نہ ڪئي، حضرت صهيبرضه مهمان نوازي، سخاوت، حاضر جوابي، خوش طبعي ۽ لطيفي ٻڌائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ معزز اصحابن ۾ ڳڻيو ويندو هو. 72 سالن جي ڄمار ۾ 38 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو