صوبو

صوبو: هڪ عربي لفظ صوب مان ٺهيل آهي ۽ صوبي جي معنيٰ ‘طرف’ ۽ ‘جانب’ جي آهي. لغتن ۾ هن جي معنيٰ کجور ۽ مٽيءَ جي ڍير، پرڳڻو، علائقو، ملڪ يا حڪومت جو حصو جي پڻ آهي. هن لفظ جو بنياد مغل بادشاهن مان اڪبر بادشاھہ جي دور ۾ پيو، جڏهن هندستان جي مختلف وڏن وڏن حصن يا علائقن کي صوبي جو نالو ڏنو ويو ۽ اڪثر تاريخدانن ۽مورخن صوبي کي شق، خطي وغيرہ جهڙن لفظن سان سڏيو آهي. اڪبر بادشاھہ جي سلطنت شروع ۾ ٻارهن ۽ بعد ۾ پندرهن صوبن تي مشتمل هئي، جن جا نالا انهن جي صدر مقام جي نالن تي هئا. جيئن دهلي، آگرو ۽ آله آباد يا وري انهن علائقن جي قديم نالن تي جيڪي انهن علائقن جي حدن تي اندر هئا جيئن پنجاب، بنگال، برار، مالوه ۽ گجرات وغيرہ. اورنگ زيب جڏهن گولڪنڊا ۽ بيجاپور فتح ڪيو تہ مغل سلطنت تمام وسيع ٿي وئي. مغل دور ۾ صوبي جي انتظام لاءِ صوبيدار مقرر هوندا هئا.


لفظ صوبوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو