ڳالھائڻ جا عضوا

ڳالھائڻ جا عضوا

صوتيات

صوتيات: ‘صوت’ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ ‘آواز’ وغيره آهي. پوءِ اهو تمام هلڪو هجي يا چٽو، ٻوليءَ جو ٻاهريون ۽ ظاهري پهلو آوازن سان هجي ٿو. آواز انساني به ٿيندا آهن ته غير انساني به. انهن جو علمي اڀياس علم طبعي (Physics) ۽ علم بدن جو جز آهي. ان ڪري ٻولين جي آوازن جي اڀياس لاءِ اسان کي علم طبعي ۽ علم بدن جي مدد جي ضرورت رهي ٿي. انساني ٻوليءَ جو آوازن جو اڀياس هن وقت علمي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. جنهن کي علم آواز (Phonetics) سڏجي ٿو. هن علم جي مدد سان ڪنهن به ٻوليءَ جي هر هڪ آواز ۽ انهن آوازن جي مخرج جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. هن علم جي ذريعي خبر پوي ٿي ته انساني ٻولين جي آوازن اچارڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا عضوا ڪم ڪن ٿا، ۽ انهن عضون جي عمل جو ڪهڙو ڍنگ آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي لکڻ موجب صوتيات علم اللسان جي هڪ شاخ آهي، جنهن کي برطانيا جي ماهرِ لسانيات فرٿ (Firth) ڳالهائڻ جي آوازن جو علم سڏيو آهي.صوتيات جو علم صوت (آواز: Sound) ۽ صوتيه (Phoneme) ‘صرف’ (Morph) ۽ صرفيه (Morpheme) ٻولي اندر آوازن، لفظن ۽ انهن جي تقسيم وغيره جي تشريح ڪن ٿا. صوتيات ڳالهائڻ جي آوازن جو علم آهي. هن علم جي مدد سان، هر آواز ۽ ان جي مخرج جو چڱي نموني جائزو وٺي سگهجي ٿو. علم صوتيات جا گهڻائي مقصد آهن. (1) پرڏيهي ٻوليون سکڻ ۽ سيکارڻ، (2) مادري زبان جو درست نموني مطالعو ڪرڻ، (3) ٻولين جون صورتخطيون ٺاهڻ، (4) ٻولين جو تقابلي مطالعو ڪرڻ، (5) ٻوليءَ جي لهجن جو مطالعو ڪرڻ، (6) ٻولين جي تاريخ لکڻ ۾، علم صوتيات کان مدد وٺي سگهجي ٿي وغيره.پروفيسر علي نواز جتوئي لکي ٿو ته، آواز ڪڍڻ ۾ جيڪي عضوا شامل ٿين ٿا. ان جا ٻه قسم آهن:
(1) اچاريندڙ: هي اهي عضوا آهن، جيڪي چرپر ڪري سگهن ٿا ۽ مختلف جڳهه والاري سگهن ٿا.
(2) مخرج: هي اهي هنڌ آهن، جن کي اچاريندڙ عضوا يا ته ڇهن ٿا يا سندن ويجهو وڃن ٿا. يعني ڳالهائڻ جا آواز، ڳالهائڻ جي جسماني تحرڪ جي مدد سان پيدا ٿين ٿا.
ڳالهائڻ جا عضوا:
 چپ (Lips)
 ڄڀ جو ڦار (Blade of the tongue)
 ڏند (Teeth)
 ڄڀ جو مهڙ (Front of Tongue)
 مهار (Teeth- ridge/ alvedum)
 ڄڀ جو پوڇڙ (Back of the tongue)
 مورڌن: (retroflex)
 نڙي (pharynx)
 سخت تارون (hard palate)
 نڙيءَ جي ڍڪڻي (epiglottis)
 نرم تارون (soft plate)
 گهه: نڙگهٽ (larynx)
 ڪاڪڙو (uvula)
 ڄڀ جي پاڙ (root of the tongue)
 ڄڀ جي نوڪ (tip of the tongue)
 وات وارو کوپو (oral cavity)
اسان جڏهن ساهه هيٺ مٿي کڻندا آهيون، تڏهن ڪو به آواز نه نڪرندو آهي. مگر جڏهن پيٽ- ڇهه (Diaphragm) جي مدد سان زور سان هوا کي ٻاهر ڪڍندا آهيون، تڏهن آواز پيدا ٿئي ٿو. هوا جڏهن به زور سان سوڙهي گهٽ/ لنگهه مان گذرندي آهي، يا اتي رڪجي پوءِ نڪرندي آهي، تڏهن آواز پيدا ڪندي آهي. عام سازن مان آواز به انهيءَ اصول موجب نڪرندو آهي. ٻولين جا آواز به انهن اصولن موجب پيدا ٿيندا آهن. هوا جڏهن پيٽ- ڇهه جي مدد سان ٻاهر زور سان ڪڍون ٿا، تڏهن هوا آوازي ڦڙڪن (Vocal Cards) جي وچان نڙگهٽ منجهان گذري نڪ ۽ وات جي رستي ٻاهر نڪري، آواز پيدا ڪري ٿي.
آوازن جي اچارڻ جو ڍنگ (Manner of Articulation): سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام موجب ڪهڙا ڪهڙا آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ ممڪن آهن، ۽ اهي ڪهڙيءَ ريت اُچاريا ويندا آهن. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته مختلف آوازن جي اچارڻ جو ڍنگ ڪهڙو آهي. اهڙا آواز سندن مخرجن سميت هيٺ ڏجن ٿا: (الف) ٻچپوان يا ٻن چپن وارا (bilabial) آواز: ٻنهي چپن جي ميلاپ سان جيڪي آواز اُچاربا آهن، تن کي ٻچپوان يا ٻن چپن وارا آواز چئبو آهي. سنڌيءَ جا اهڙا آواز هي آهن: [ٻ، ڦ، ب، ڀ، ٻ، م ۽ مهه]. (ب) چپ ۽ ڏندن گاڏوان (labio dental) آواز: هيٺئين چپ مٿان، مٿين ڏندن جي چوٽين کي ملائڻ سان جيڪي آواز اُچاربا آهن، تن کي چپ ۽ ڏندن گاڏوان آواز چئبو آهي. اهڙا سنڌي آواز آهن: [ف ۽ و]. (ٻ) ڏنداوان (dental) آواز: ڄڀ جي نوڪ کي، مٿين ڏندن جي چوٽيءَ سان ملائي، جيڪي آواز اچاربا آهن، تن کي ڏنداوان آواز چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ ڏنداوان آواز هي آهن: [ت، ٿ، د ۽ ڌ]. (ڀ) مهاروان يا مهارن وارا (alveolar) آواز: ڄڀ جي نوڪ کي مهارن سان ملائي جيڪي آواز اچاربا آهن، تن کي مهاروان يا مهارن وارا آواز چئبو آهي. اهڙا سنڌي آواز هي آهن: ر، ن ۽ نهه. (ت) ڦار ۽ مهار گاڏئون مهار گاڏڙ (blado alveolar) آواز: ڄڀ جي ڦار ۽ مهاڙ جي ميلاپ سان مخرج وٽ جيڪي آواز اچاربا آهن، انهن آوازن جي اچارڻ مهل ڄڀ جو ڦار مهاڙ سان ملندو آهي، ۽ ڄڀ جي نوڪ هيٺين ڏندن جي پاڙ کان هيٺ، هيٺين مالهين جي چوٽيءَ سان لڳي بيهندي آهي. اهڙا سنڌي آواز هي آهن: س ۽ ز. (ع) مورڌني (retroflex) آواز: هنن آوازن جي اچارڻ لاءِ ڄڀ جي نوڪ (ڦار سميت) وڪڙ کائي، مٿي سخت تارونءَ ڏانهن مڙي ٿي. موڙ کاڌل ڄڀ جي حصي يعني ڄڀ جي ڦار جي پٺ، مهار ۽ سخت تارونءَ جي وچواري حصي سان لڳي بيهي ٿي. ڄڀ جي اهڙيءَ بيهڪ جي حالت ۾ جيڪي آواز اُچاربا آهن، تن کي مورڌني آواز چئبو آهي. اهڙا آواز آهن: ٽ، ٺ، ڊ، ڍ، ڻ، ڻهه، ل، لهه، ڙ، ڙهه. (ٽ) سخت تارون وارا (palatal) آواز: مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته ڄڀ جي مهڙ جي بيهڪ، سخت تارونءَ جي سامهون آهي. ڄڀ جو اهو حصو مٿي، سخت تارونءَ ڏانهن کڄي، ان سان ملي، ڪن آوازن جي اچارڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ڄڀ جي مهڙ ۽ سخت تارون جي اهڙي ميلاپ سان جيڪي وينجن آواز اچارجن ٿا، تن کي سخت تارونءَ وارا آواز چئبو آهي. اهي آواز آهن: چ، ڇ، ڄ، ج، جهه، ڃ، ش ۽ ي. (ٺ) نرم تارونءَ وارا (velar) آواز: ڄڀ جي مهڙ وانگر، ڄڀ جو پوڇڙ به، پنهنجي سامهونءَ واري تارونءَ جي حصي يعني نرم تارونءَ ڏانهن مٿي کڄي ٿو، ۽ ان سان ملي آواز پيدا ڪري ٿو. نرم تارونءَ ۽ ڄڀ جي پوڇڙ جي ميلاپ سان جيڪي آواز اچارجن ٿا، تن کي نرم تارونءَ وارا آواز (velar sounds) چئبو آهي. اهي آواز آهن: (ڪ، ک، ڳ، گ، گهه ۽ ڱ) (ث) نرم تارونءَ کان پونير (post velar) حصي وارا آواز: سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا آواز به آهن، جيڪي عربي صوتياتي اثر کان، سنڌيءَ جي صوتياتي نظام ۾ داخل ٿي ويا آهن. ڏيهي صوتياتي نظام (Indigenous phonetic system) ۾، نرم تارونءَ کان پونير حصو مخرج نه آهي. پر عربي زبان جي اثر جي ڪري عربي ٻوليءَ جا ڪاڪڙي وارا آواز (Uvular sounds) سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪاڪڙي کان اڳڀرو (pre uvular) ۽ نرم تارونءَ کان ٿورو پرڀرو (post velar)، اچاريا ويندا آهن. مثال طور عربي زبان جي آوازن (ق، خ ۽ غ) جو مخرج، عربي زبان جي صوتياتي نظام موجب ڪاڪڙو (Uvula) آهي، جنهن ڪري عربيءَ جي ماهرن انهن کي حلقيه آواز (Uvular) سڏيو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن آوازن جو مخرج ڪاڪڙو بلڪل نه آهي. جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي. ٻنهي زبانن يعني عربي ۽ سنڌيءَ ۾ انهن آوازن جي اچار ۾ فرق آهي، پر ٻنهي ۾ انهن جي لکيل صورت ساڳي آهي. جيتوڻيڪ بين الاقوامي صوتياتي (IPA) جي خاڪي ۾، تارونءَ ۽ ڪاڪڙي وٽ اچاريل آوازن جون لکيل صورتون ڌار ڌار ڏنل آهن. (پ) ڪاڪڙي وارا آواز: هنن آوازن جو مٿي نرم تارونءَ وارن آوازن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪاڪڙي وٽ هوا جي لنگهه کي سوڙهي ڪرڻ سان، اهي آواز اچاري سگهبا آهن. اهڙا آواز آهن: عربيءَ جا (ق، خ ۽ غ). جرمن ٻوليءَ جو آواز (ر)، جيڪي ڪاڪڙي کي لرزش ۾ آڻي اچاربا آهن. (ج) نڙيءَ وارا (pharyngeal) آواز: ڄڀ جي پاڙ کي پوئتي هٽائي، نڙيءَ ۾ هوا جي لنگهه ۾ سوڙهه ۽ گهُٽ ڪرڻ سان، جيڪي آواز اچارجن ٿا، تن کي نڙيءَ وارا آواز چئبو آهي. اهڙا آواز آهن: (ح ۽ ع). هن مخرج وٽان ڪو به سنڌي آواز اچاري نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ ح ۽ ع حرف، سنڌي الف ب جي پٽيءَ ۾ شامل آهن، پر جن آوازن جون اهي لکت ۾ صورتون آهن، اهي آواز سنڌيءَ جي صوتياتي نظام ۾ شامل نه آهن. انهن آوازن ح ۽ ع جو اچار سنڌ ۾ هه ۽ اُڪيو ويندو آهي. هت اهو ڄاڻائڻ نهايت ضروري آهي ته (ع) جو اچار، آواز کانپوءِ ايندڙ سر سان شروع ٿيندو آهي ۽ ع کي گم ڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪٿي ڪٿي ح جڏهن لفظ جي وچ ۾ ايندو آهي تڏهن (ح) گم ڪيو ويندو آهي. نڙ گهٽ (glottal) وارا آواز: اهي آواز جيڪي نڙگهٽ ۾، آوازي تندن جي وچ واري وٿيءَ (glottis) وٽ، اچاربا آهن، تن کي نڙ گهٽ وارا آواز چئبو آهي. مثال طور: (هه) عربي ٻوليءَ ۾ همزو (ء) جو مخرج به نڙ گهٽ آهي، پر سنڌي ءَ۾ همزو ‘ء’ حرف جي اهميت عربي صوتياتي نظام واري بلڪل نه آهي. آوازن جا قسم: جيئن مٿي چيو ويو آهي ته آواز ٻن قسمن جا آهن. هڪڙا وينجن (consonant) ۽ ٻيا سُر (vowel). ٻوليءَ جو آواز پيدا ڪندي، هوا جو گذر، ڳالهائڻ جي عضون جي چرپر سان، وات جي ڪنهن به مخرج وٽ رڪجي ٿو ته پيدا ٿيندڙ آواز کي وينجن چئبو آهي. ٻي صورت ۾ هوا جي گذر کي بنا روڪ رنڊ جي گذارجي ٿو ته پيدا ٿيندڙ آواز کي سُر چئجي ٿو. ياد رکڻ گهرجي ته سرن ۾ لکيل سُر، اڌ کليل سُر، اڌ سوڙها سر ۽ سوڙها سُر ٿيندا آهن. لکت ۾ وينجڻ کي حرف صحيح ۽ سُر کي حرف علت سان ظاهر ڪيو ويندو آهي. ننڍن سُرن کي اعرابن يا زير زبر ۽ پيش وغيره سان پڌرو ڪبو آهي. ماهرن وينجنن آوازن کي، اُن فرق ۽ ڦيرڦار موجب، ڌار ڌار گروهن ۽ ڪٽنبن ۾ ورهائي، انهن (آوازن جي گروهن) تي الڳ الڳ نالا رکيا آهن. عام طور وينجن آوازن کي هيٺين گروهن ۾ ورهايو ويو آهي: (الف) ڌوڪڻا يا ڌماڪيدار (plosives) آواز: هنن وينجن آوازن جي اُچارڻ مهل، مخرج وٽ، هوا جو لنگهه ٿوري وقت لاءِ ‘سڪ بند’ ٿي ويندو آهي، ۽ ڦڦڙن کان ڌوڪي ايندڙ هوا، آوازي تندن وٽان لنگهي، مٿي وات واري کوپي ڏانهن ايندي آهي، ۽ وات واري کوپي ۾، مخرج وٽ، رڪاوٽ واري جاءِ وٽ رڪجي ويندي آهي. ‘هوا جي داٻ ’ (air compression) ڪري، ڳالهائڻ جا عضوا، رڪاوٽ يا رنڊڪ واري نقطي وٽ اوچتو ئي اوچتو هڪ ٻئي کان ڌار ٿين ٿا ۽ هوا کي اوچتو لنگهه ڏين ٿا. هوا جي زوردار داٻ ۽ مقدار ڪري، ۽ هوا جي گهَٽَ يعني لنگهه جي اچانڪ کلڻ ڪري، هوا ڌماڪي (explosion) سان، اُن ‘لنگهه’ مان ٻاهر ڌوڪيندي آهي. اهڙا آواز، جن جي اُچارڻ وقت هوا ڌماڪي يا ٺڪاءَ سان، رنڊ ڪ واري هنڌ وٽان ٻاهر نڪري، تن کي ‘ڌوڪڻا’ يا ‘ڌماڪيدار آواز’ چئبو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام موجب هيٺين آوازن کي ڌوڪڻا آواز چئبو آهي. (پ، ڦ، ب، ڀ، ت، ٿ، د، ڌ، ٽ، ٺ، ڊ، ڍ، چ، ڇ، ج، جهه، ڪ، ک، گ ۽ گهه) (ب) چوسڻا (implosives) آواز: هنن آوازن جي اُچار ڪرڻ لاءِ نڙ گهٽ کي هيٺ ڪيو ويندو آهي. مخرج وٽ ڌوڪڻن آوازن وانگر هوا جي لنگهه کي بند ڪيو ويندو آهي. رڪاوٽ واري جاءِ ۽ نڙ گهٽ جي وچ ۾ هوا جي نه هئڻ سبب، خال رهجي ويندو آهي. انهن آوازن جي اچار لاءِ، هوا ٻاهران چُوسي اندر نڙ گهٽ ۾ ٿيل خال ۾ آندي ويندي آهي. مخرج وٽ، ڳالهائڻ جا عضوا هوا کي ٻاهران کان اندر چوسي، کلي ٿا پون. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪي آواز اُچارجن ٿا، تن کي چوسڻا آواز چئبو آهي. اِهي آواز آهن: ٻ، ڏ، ڄ، ڳ. (ٻ) نڪوان يا گهُڻا وينجن (nasal consonants): سنڌي صوتياتي نظام جي روشنيءَ ۾ جڏهن ‘گهُڻن آوازن’ (nasal sounds) تي بحث ڪبو، تڏهن ‘گهُڻن آوازن’ ۾ نه فقط ‘گهُڻا وينجن’ شامل ڪبا، پر ‘گهڻا سر’ به انهيءَ ‘سري’ هيٺ آڻبا، ڇاڪاڻ ته وينجنن وانگر ‘سُر’ به ‘صاف’ (يعني گهُڻائڻ واري خاصيت کان سواءِ) ۽ ‘گهُڻا’ ٿين ٿا. انهيءَ ڪري گهڻن آوازن ۾ گهُڻا وينجن ۽ گهُڻا سر ٻئي شامل ڪبا. گهُڻن وينجنن جي اچارڻ لاءِ نرم تارون، هيٺ لاٿو ويندو آهي، انهيءَ ڪري نڪ واري کوپي جو لنگهه کلي پوندو آهي، ۽ وات واري کوپي ۾ هوا جو لنگهه اڳي ئي بند ڪيو ويندو آهي، پر اچار ڪرڻ مهل، هوا، نڪ ۽ وات مان لنگهندي آهي. اُهي آواز جن جي اچارڻ ۾ هوا نڪ مان نڪري، تن کي ‘گهُڻا آواز’ چئبو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا آواز آهن: م، مهه، ن، نهه، ڻ، ڻهه، ڃ ۽ ڱ. (ب) بندشي گسڻا (affricates) آواز: جڏهن ڳالهائڻ جا عضوا، مخرج وٽ، هڪ ٻئي کان آهستي آهستي ڌار ٿيندا آهن، تڏهن آواز جي ‘رڪاوٽ’ (occlusion) ۽ مڪمل ‘ڇوٽڪاري’ (release) جي درميان واري بيهڪ دوران، ٿوري وقت لاءِ سوڙهه (constriction) پيدا ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري هوا جو لنگهه آهستي آهستي کلي ٿو. رڪيل هوا سوڙهي لنگهه مان لنگهڻ مهل ‘ڌوڪڻي آواز’ سان گڏوگڏ ساڳئي مخرج وٽ، هم مخرج (homorganic) گسڻو آواز پيدا ڪري ٿي. اهڙن آوازن کي بندشي گسڻا آواز (affricatives) چئبو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا آواز آهن: [ٽر ۽ ڊر]. اِهي آواز، سنڌي ٻوليءَ جي فقط اُترادي ۽ ڪڇي لهجن ۾ استعمال ٿين ٿا، پر اهي آواز صوتيه طور ڪم نه ايندا آهن. مثلاً: معياري لهجو اترادي لهجو ڪڇي لهجو
پَٽِ پَٽر ...
پُٽ پُٽر پتر
چَنڊ چَنڊر چندر
(ت) پاسيرا (lateral) آواز: هنن آوازن جي اچارڻ مهل، ڄڀ جي بيهڪ، مورڌني آوازن جهڙي ٿيندي آهي. ڄڀ جي ڦار جي پُٺِ، مهار کان ٿورو پوئتي، وات جي ڇت سان (ڪن ماڻهن جي اچار جي حالت ۾ ڦار، مهار کان) ملي، هوا جو لنگهه بند ڪندي آهي ۽ نرم تارون، مٿي کڄي بيهي ٿو. آواز جي اچارڻ لاءِ ڄڀ جي هڪڙي پاسي يا ٻنهي پاسن کان هوا جي لنگهڻ لاءِ خال يا خالي لنگهه رهيل هوندو آهي. هوا ڦڦڙن کان ڌوڪيندي مٿي ايندي آهي، ۽ نرم تارونءَ جي مٿي هئڻ ڪري، وات واري کوپي مان، ڄڀ جي پاسن کان رهيل خالي لنگهه مان لنگهي، وات مان ٻاهر نڪرندي آهي. اهڙن آوازن کي پاسيرا آواز چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙا آواز آهن: [ل ۽ لهه.] (ٿ) ڦرڻا يا لرزش وارا (rolled) آواز: هنن آوازن جي اچارڻ مهل، ڄڀ جي نوڪ، مهار سان لڳي، هڪ کان وڌيڪ ڀيرا لرزش (taps) ڪندي آهي. ڦڦڙن کان ايندڙ هوا، نرم تارونءَ جي مٿي هئڻ ڪري، جڏهن وات واري کوپي مان لنگهندي آهي، تڏهن آواز جي اُچارڻ لاءِ، ڄڀ جي لرزش ۾ اچڻ سبب، هوا ۾ به لرزش پيدا ٿيندي آهي، ۽ لرزش وارو يعني ‘ڦرڻو آواز’ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙو آواز آهي: [ر]. (ٽ) ڦڙڪڻا (flapped) آواز: هنن آوازن جي اُچارڻ مهل ڄڀ، مورڌني آوازن جهڙي بيهڪ وٺندي آهي، ۽ مخرج (مهار کان ڪجهه پرڀرو ۽ سخت تارونءَ کان اڳڀرو) سان لڳي، هڪ ڀيرو ڦڙڪي، اڳتي، هيٺين ڏندن جي پاڙ وٽ اچي، ڌڪ هڻندي آهي. ڄڀ جي نوڪ جي پٺ ۽ مخرج جو ميلاپ، اک ڇنڀ لاءِ ٿيندو آهي. وات مان هوا جي گذرڻ وقت، ڄڀ جي هڪ دفعي ڦڙڪي (ڦڙڪڻ) سبب، ‘ڦڙڪڻو آواز’ پيدا ٿيندو آهي. سنڌيءَ ۾ ڦڙڪڻا آواز آهن: [ڙ ۽ ڙهه]. (ٺ) گسڻا (fricatives) وينجن آواز: هن گروهه وارن وينجن آوازن جي اُچارڻ لاءِ ڳالهائڻ جا عضوا، مخرج وٽ، هڪ ٻئي جي ايترو ته ويجهو لڳي بيهن ٿا، جو هوا جي لنگهه ۾ گهُٽَ (سوڙهه) ٿيو پوي. ڦڦڙن کان ايندڙ هوا انهيءَ گهٽيل ۽ سوڙهي لنگهه مان لنگهڻ ڪري، مخرج وٽ، ڳالهائڻ جي عضون سان گسندي ۽ گهڪو (friction) ڪندي، ٻاهر نڪرندي آهي. نرم تارون مٿي کنيل رهندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪي آواز اُچاربا آهن، تن کي ‘گسڻا آواز’ چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙا آواز آهن: [ف، و، س، ز، ش، خ، غ ۽ هه]. (ث) بنا گهڪي وارا روان (frictionless continuants) آواز: هنن آوازن جي اُچارڻ لاءِ ڳالهائڻ جي عضون جي بيهڪ، ‘گسڻن آوازن’ جهڙي هوندي آهي. اُچار ڪرڻ مهل هوا جي بلڪل معمولي زور ڪري، گهڪو ڪونه ٿيندو آهي. سنڌيءَ ۾ هيءُ وينجن ڌار صوتيه طور ڪم نه ايندو آهي. برصغير جي ٻين ٻولين (هندي وغيره) ۾، [v]- ڄڀ ۽ ڏندن گاڏئون ڳرو گسڻو وينجن- جي بدران [u] اُچاريندا آهن. سنڌي الف ب جي پٽيءَ ۾ به هن آواز لاءِ ڪو به حرف مقرر ٿيل نه آهي. مثلاً: V [و]= چپ ۽ ڏندن گاڏئون، ڳرو گسڻو وينجن، جيئن ‘وڻ’ ۽ ‘واڍو’ ۾ ابتدائي [و] W [و]= ٻن چپن ۽ نرم تارونءَ وارو نيم- سر، جيئن ‘جوا’، ‘توا’ ۽ ‘سواگت’ ۾ وچيون [و] [و]= ٻن چپن وارو بنا گهڪي وارو روان، جيئن [v] (ج) نيم- سر (semi vowels): نيم سُر، ڳري گسڻي آواز (voiced gliding sound) کي چئبو آهي، جنهن جي اچارڻ لاءِ ڳالهائڻ جا عضوا هڪڙي ‘سُر’ جي اچار کان شروع ٿين ٿا، ۽ يڪدم ٻئي ساڳئي يا وڌيڪ اوچائيءَ (prominence) واري ‘سُر’ ڏانهن مڙن ٿا. هڪ سر کان، ٻئي سر ڏانهن اچار لاءِ ڄڀ جي جلدي مڙڻ (موڙ) ڪري، وچان ئي هڪ نئون ‘گسڪڻو آواز’ (gliding sound) پيدا ٿئي ٿو. اهڙن آوازن کي ‘نيم سر’ چئبو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام موجب نيم سر هي آهن: [‘و’ ۽ ‘ي’]. ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي ڌوني وگيان’ ۾ لکي ٿو ته: سرن ۽ وينجنن مان اکر (syllables) ۽ اکرن مان لفظ ٺهيا آهن. اکرن جي بناوت ۾ اسان سُرن ۽ وينجنن جو نمونو ڏٺو. هاڻي اچو ڏسون ته سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ڪهڙا سُر ۽ وينجن لفظن جي شروعات، وچ ۽ پڇاڙيءَ ۾ اچن ٿا، ڪهڙا سُر پاڻ ۾ لاڳيتا اچن ٿا ۽ ڪهڙا وينجن پاڻ ۾ ملي گڏيل وينجن (conjunct consonants) جوڙين ٿا. سرن جي ورهاست: سنڌيءَ ۾ گهڻا لفظ سُر ۾ پورا ٿين ٿا. عربي فارسي انگريزي وغيره ٻولين مان جيڪي لفظ اسان جي ٻوليءَ ۾ واهپي ۾ اچي ويا آهن، انهن جا اُچار به اڪثر پڇاڙيءَ ۾ سر گڏي ڪيا وڃن ٿا، چاهي اُهي اصل ۾ ساڪن هجن. مثال طور: ظُلمُ (عربي: ظلم) ڪوشِشِ (اصل فارسي ڪوشش)، انگريزي لفظ بئنڪِ، ڊاڪٽر، نرسِ، بسِ حقيقت ۾ اصل روپ ۾ وينجنن ۾ پورا ٿين ٿا، پر سنڌيءَ ۾ اِهي سُرانت (پڇاڙيءَ ۾ سُر وارا) ٿي پيا آهن. جيئن ته بئنڪِ ڊاڪٽرُ، نرسِ، بسِ. هرڪو سُر لفظ جي شروع، وچ ۽ آخري حالت ۾ ڪتب اچي ٿو، پر اي ۽ او جو استعمال ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. لفظ جي شروع ۾ اهي گهٽ نظر اچن ٿا ۽ لفظ جي آخر ۾ به انهن جو اُچار گهڻو ڪري هڪ اکري ٻٽي سُر يا ٻن لاڳيتن سُرن (اَ ۽ اَ ءُ) جي روپ ۾ ڪيو وڃي ٿو. انهن سُرن جو اُچار داخلي ڌماڪيدار وينجنن ۽ ڱ ڃ جي هڪدم اڳيان به نظر نه ٿو اچي. ٻن لاڳيتن سُرن جو استعمال: سنڌيءَ ۾ ٻه لاڳيتا سُر چڱي تعداد ۾ ملن ٿا. اُهي لفظ شروع، وچ ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪتب اچن ٿا، جيتوڻيڪ شروع واري حالت ۾ اُنهن جو استعمال ٻين حالتن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. اَي جو استعمال ٻين سُرن سان گڏ ڪونه ٿو ٿئي. ساڳيءَ طرح او جو به ٻين سُرن سان گڏ لاڳيتو اچار تمام گهٽ نظر آيو آهي. اهي سُر اُچار جي خيال کان گهڻو ڪري هڪ اکري ٻٽي سُر يا ٻن لاڳيتن سُرن جي روپ ۾ ڪتب اچن ٿا. انهيءَ ڪري انهن سان گڏ ٻئي ڪنهن سُر جو لاڳيتو اُچار گهٽ ملي ٿو. ٽن سُرن جو ميلاپ: سنڌيءَ ۾ ٽن لاڳيتن سُرن جو استعمال به نظر اچي ٿو، جيڪو گهڻو ڪري لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ هوندو اهي. لفظ جي شروع ۽ وچ ۾ اهڙو استعمال گهٽ آهي.
شروع آ، اِي، اَ آئيءَ ۾ (مصيبت ۾، حالت عام)
او، اِي، اَ اوئيءَ (پاڻيءَ جي ٿيلهي، حالت عام)
-
وچُ او، آ، اِ ڍوئائڻ
اِي، آ، اِ، سيٻئائڻ
-
آخر اَ، اِي، اَ قَلَعِيءَ
آ، اُو، اَ ڀائُوءَ
اُ، آ، اُو دُعائون
مٿين حالتن ۾ (ي، و) جو ڪڏهن اڻچِٽو ته ڪڏهن چٽو وينجن وانگر آواز ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي.
جڏهن ڪنهن لفظ جي آخر ۾ (اِ يا اُ) سُر اچي ٿو ۽ انهيءَ جي اڳيان (اي، اَ، آ، او) مان ڪو به سُر آهي، تڏهن اهڙن سُرن جو ميل اڪثر هڪ اکري ٻٽي سُر (diphthong) جي روپ ۾ اُچارجي ٿو. انهيءَ ۾ آخري (اِ يا اُ) بي- اکرائتو يا اڻچٽو (non syllabic) هوندو آهي. لفظ جي آخر ۾ سُرن جو اِهو ميل ڪڏهن هڪ اکري ٻٽي سُر، ته ڪڏهن ٻن سُرن جي لاڳيتي ميل جي روپ ۾ اُچارجي ٿو.
ڏيئُه ڏيو، جاءِ جايه
وَسَئُن وَسون، جوءِ جويه
انهيءَ قسم جي شرتيءَ وارن اُچارن جي فرق سببان لفظن جي معنيٰ ۾ ڪوبه فرق نه پوندو آهي.
(الف) ٻين ٻولين مان آيل لفظ:
آتمڪ، پرسِڌ، يوگيه، بيگم، اَندازن، اُف، اسٽيشن، هوٽَل، نَرس، چَرچ (church)، والو (valve)، عجيب، خوش، ثابت، عام خود، خارج، بارش.
(ب) لفظ جي آخري (اُ، اِ) جو اُچار گُم ٿيڻ.
ڦڙ- ڦڙ (ڦڙ ڦڙ)، ڦٿ- ڦٿ (ڦٿِ- ڦٿِ)، پيار (پيارُ)
گڏيل وينجن (consonant clusters): ٻن يا وڌيڪ علحدن وينجنن جي گڏ اچڻ تي، گڏيل وينجن ٺهن ٿا. اسين عربي- سنڌي يا ديوناگري- سنڌي صورتخطيءَ ۾ عام طور گهڻن گڏيل وينجنن کي، پهرئين وينجن پُٺيان (اِ) سُر لڳائي، جدا ڪري لکندا آهيون. حقيقت ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ اُهي گڏيل وينجنَ هوندا آهن. جيئن: جهَليو (جهَلِيو)، ماريو (ماريو)، تقدير (تقديرَ)، سَتگُرُ (سَتگُرُ)، آتمِڪ (آتِمِڪِ)، گيان (گِيانُ).
سنڌيءَ ۾ گڏيل وينجن گهڻو ڪري لفظ جي وچ ۾ ڪتب اچن ٿا. اُنهن ۾ به گهڻا اهڙا آهن، جيڪي ٻن اکرن جي جوڙ وٽ ملن ٿا. ڪنهن هڪ اکر (syllable) جي وچ ۾ گڏيل وينجن جو استعمال سنڌي ٻوليءَ ۾ گهٽ آهي.
لفظ جي شروع ۾ به ڪجهه گڏيل وينجن ملن ٿا. اُهي هميشه هڪ اکر جي اندر هوندا آهن. جيئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻا لفظ سُر ۾ پورا ٿين ٿا. اِنهيءَ ڪري لفظ جي آخر ۾ گڏيل وينجن تمام گهٽ ملن ٿا.
لفظ جي آخر ۾ ايندڙ ٻن وينجنن جو ميل: جيئن ته سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪري لفظ سُر ۾ پورا ٿين ٿا. اِنهيءَ ڪري لفظ جي آخر ۾ ٻن وينجنن جو ميل سنڌيءَ ۾ تمام گهٽ نظر اچي ٿو. تنهن هوندي به ٻين ٻولين مان آيل ڪجهه لفظن ۾ اهڙو ميل ملي ٿو:
ب، ت ضبط ڃ، ج، آرينج (آريڃج)
س، ت چُست ر، ج، خارج
ن، ٽ فرنٽ (front)
س، ٽ ٽيسٽ ڱ، ڪ، ٽرنڪ (ٽرڱڪ)
ش، ٽ نشٽ ڱ، ڪ، ميٽنگ (ميٽڱگ)
ن، ڊ بئنڊ (band) ر، س، ميشرس
ڃ، چ لانچ (لاڃچ) ن، س، ڪانفرنس
ل، و، والوَ
گ، ي، يوگيه
ٽن وينجنن جو ميل: سنڌيءَ ۾ ٽن وينجنن جو ميل تمام گهٽ آهي. اهڙو ميل جيڪو نظر آيو آهي، اهو سمورو لفظ جي وچ ۾ ۽ ٻن اکرن جي جوڙ وٽ آهي.
ن، هه، ي سنهيون
ڱ، گ، ر انگريزي (اڱگريزي)
ڪ، ت، ي شڪتيون
ر، ڳ، و سُرڳواسي
ڪ، س، ڪ ايڪسڪرشن
ڻ، هه، پ وڏ ماڻهپائي
(هن مضمون لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪتاب ‘صوتيات '>سنڌي صوتيات ’ ۽ ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي جي ڪتاب ‘سنڌي ڌوني وگيان’ تان استفادو ڪيو ويو آهي.)
صورتخطي: لفظ ‘صورتخطي’ ٻن مفرد لفظن صورت + خط، اِي پڇاڙيءَ مان ٺاهيل مرتب لفظ آهي، جيڪو عربيءَ مان ورتل آهي. معنى اٿس: ڪنهن لفظ يا جملي جي لکت ۾ ترجيحي صورت. انگريزيءَ ۾ هن لاءِ spelling، writing يا Orthography ۽ اردوءَ ۾ ‘اِملاء’ چوندا آهن. هن لفظ جو اشتقاق هيٺينءَ ريت بيـﻫـاري سگھجي ٿو:
[ صورت (صار/ صُورَ/ صَوَّرَ = هن تصوير ڪڍي) شڪل- تصوير- نوعيت- فارمولا + خطي (خَطَّ = هن ليڪ ڪڍي، هن لکيو) لکت- لکيل] لکڻ جي نوعيت- اِملا- اکرن ذريعي لفظن ۽ لفظن ذريعي جملن جي لکيل درست صورت- لهجي جو فرق هجڻ سبب لفظن يا جملن کي مقرر شڪل ڏيڻ واري حالت- ڪنهن اصطلاح (term) لاءِ تز لفظ جو تعيّن.]
صورت: شڪل، نقش، حالت، رنگ ڍنگ، گهاڙ، بناوت، تصوير، خاڪو وغيره، خطي: خطي لفظ خط مان منسوب آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: لڪير، تحرير، خط، رستو، دستاويز، مڪتوب، هٿ اکر لکيل، اندازِ تحرير، لکڻي، رسم الخط. جڏهن هي ٻئي لفظ ملي ڪري هڪ لفظ ٺهندو ته ان جي معنيٰ ٿيندي: لکڻ جو طريقو، تحرير جو نمونو، رسم الخط وغيره ۽ ان جي اصطلاحي معنيٰ آهي، حرفن جي وسيلي لفظن ۽ لفظن جي ذريعي جملن جي لکيل درست صورت. (حوالو: جامع سنڌي لغات، جلد ٻيو، فيروز اللغات (فارسي اردو)، فيروز اللغات (اردو جامع) ‘صورتخطيءَ’ مان مراد ڪنـﻫـن لفظ يا لکت/ تحرير جي اها معياري صورت آهي، جنهن کي عام طور ڪم آندو وڃي. يعني صورتخطيءَ جو تعلق لفظ جي لکت سان آهي. علم اللسان موجب اهو معاملو علم صوتيات سان گڏوگڏ سماجي ريت ۽ ثقافت جي قدرن تي پڻ آڌاريل آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب، ‘سنڌي صورتخطيءَ’ ۾ لکي ٿو ته: “ڪنهن به زبان ۾ لفظن ۽ جملن جي لکت لاءِ آوازن جي تحرير ٿيل صورتن کي اهڙي نموني استعمال ڪيو وڃي، جو اها لکت معياري ۽ درست هجي. لسانيات جي اصولن موجب، صورتخطيءَ ۾، ڌار ڌار خطن جي ڌار ڌار اُچارن (Variant Pronunciation) موجب، لفظن کي ڌار ڌار نموني لکڻ درست نه آهي. صورتخطيءَ لاءِ لازمي آهي ته هر لفظ کي هڪ ئي مقرر صورت هجي. جملن ۾ لفظن جا اچار، انفرادي (isolated) طور اچاريل لفظن کان الڳ ٿيندا آهن. صورتخطيءَ ۾ انهن لفظن جي اها صورت رکبي آهي، جيڪا انفرادي طور اچاري (pronounced in isolation) ويندي آهي. سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي صورتخطي اختيار ڪئي ويندي آهي. تنهن ڪري ڪنهن به زبان جي صورتخطي معنيٰ ان ملڪ جي معياري لهجي (standard dialect) جي لکيل صورت.” (ڇاپو چوٿون، ص) قومن ۽ ملڪن جي تاريخ ۾ زبان ۽ صورتخطيءَ جو معاملو وڏي اهميت رکي ٿو ۽ ان جي ترقيءَ ۽ تنزل سان گڏوگڏ زبان ۽ صورتخطيءَ کي به عروج ۽ زوال ڏسڻو پيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته جن قومن کي دنيا ۾ عروج نصيب ٿيو، تن جي زبان ۽ صورتخطي به عروج ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون. اهڙيءَ طرح ان قوم جي زوال سان گڏوگڏ ان جي زبان به ڏينهون ڏينهن پٺتي پوندي وئي. البت ڪٿي پٿرن، وڻن جي کلن، پنن، جانورن جي هڏن، قبرن جي تختين، مٽيءَ جي ٿانون، ڌاتن جي ٽڪرن يا ويران عمارتن جي پراڻين ڀتين تي قديمي آثارن وانگر، انهن جا باقي نشان رهجي ويا. سنڌو ماٿريءَ جي به پنهنجي نجي صورتخطي ۽ پنهنجي زبان هئي ۽ سنڌ واسي ان ۾ ئي لکندا پڙهندا هئا، پر افسوس جو اڄ زبان جي اصلي لکيت صرف مهرن ۽ ٿانون جي ڪجهه نشانين تي ئي محفوظ رهجي وئي آهي. هٿ آيل مهرن واريون تحريرون بنهه مختصر آهن. سڀ کان وڏي تحرير سترهن اکرن تي مشتمل ملي آهي. هي تحريرون، تصويري نشانيون آهن، جن کي اڃا تائين مڪمل ريت پڙهيو نه ويو آهي، البت انهن جي ملهه ڀڃڻ (Decipherment) تي سڄيءَ دنيا جا ماهر ڪم ڪري رهيا آهن.
ان کانسواءِ مصري لکتن وانگر ڪو روزيٽا اسٽون (ٻن لکتن وارو پٿر) به نه مليو آهي ۽ نه ڪنهن اهڙي ڪتبي جو پتو پيو آهي، جنهن ۾ عبارت ٻن زبانن ۾ لکيل هجي ته جيئن ان جي مدد سان ٻي رسم الخط کي پڙهي سگھجي. بهرحال سنڌو ماٿريءَ جي رسم الخط ۽ صورتخطيءَ کي سمجھڻ لاءِ محقق تمام گھڻيون ڪوششون ڪري رهيا آهن. دنيا جون ڪجهه مشهور صورتخطيون: چيني، برهمي، ديوناگري، کروشتي، رومن وغيره آهن. ڍٻوليءَ جا ٻه اهم ڀاڱا ٿين ٿا، هڪ: ڳالهائجندڙ ٻولي، ٻيو: لکجندڙ ٻولي. ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جا ڪافي لـﮬـجا (Dialects)، اُپ لهجا (Accents) ۽ شخصي لهجا (Idiolects) ٿيندا آهن، جن کي هڪ حيثيت ئي حاصل هوندي آهي. ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي لهجن، اُپلهجن يا شخصي لهجن کي ڪنهن هڪ ڌارا تي نه ٿو هلائي سگھجي؛ ليڪن ٻئي پاسي لکجندڙ ٻوليءَ کي هڪ ڌارا تي هلائڻ لاءِ، اتفاقي طور تي، ڪي ضابطه مقرر ڪيا ويندا آهن. ڍدنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ لهجن جي فرق سبب ساڳئي لفظ يا جملي جي ساڳيءَ معنى سان، آوازن جي بنياد تي، لکت ۾ فرق ٿي ويندو آهي، يا ڪن عالمن جي لکيل ساڳين لفظن جي مختلف صورتن سبب، فرق ٿيندو آهي؛ يا ڪنهن اصطلاح (Term) لاءِ ٻوليءَ ۾ مختلف لفظن جو استعمال ڪيو ويندو آهي؛ اهڙي فرق کي معياري لـﻫـجي موجب ڪنهن لفظ يا جملي کي متفقه طور شڪل ۾ لکڻ کي صورتخطي چيو ويندو آهي. مثلاً: اترادي لهجي جي لاڙڪاڻوي اُپ لـهـجي (Accent) موجب: ‘شوڪرو’، معياري لهجي موجب: ‘ڇوڪرو’ اچاريو ويندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ اختياريءَ وارن تي لازم هوندو آهي ته اهڙن لفظن جي هڪ معياري صورت مقرر ڪن. ياد رهي ته ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي نسبت، مذڪوره لفظن: ’شوڪرو‘ ۽ ’ڇوڪرو‘ مان، ڪنهـن به صورت کي غلط قرار نه ٿو ڏيئي سگھجي. ان کان علاوه ٻوليءَ جي ماهرن وٽ ڪنهن اصطلاح جي دائري لاءِ الڳ الڳ لفظن جو استعمال به نوٽ ڪيو ويو آهي، جيئن: Dialect لاءِ ڪي ماهر ‘محاورو’ لفظ ڪم آڻيندا آهن، ته ڪي وري ان لاءِ ‘لهجو’ لفظ استعمال ڪندا آهن. ظاهر آهي ته اهڙي مسئلي کي حل ڪرڻ يا ڪنهن تز لفظ جو تعيّن ڪرڻ/ ترجيحي صورت مقرر ڪرڻ واري معاملي کي صورتخطيءَ جي دائري ۾ آڻي سگھجي ٿو. ڍصورتخطيءَ جي مقرر ڪرڻ ۾ سماج جو وڏو ڪردار هوندو آهي. جهڙي نموني عوامي سطح تي سماجي لسانيات (Sociolinguistics) جو پنـﻫـنجو ڪارج آهي؛ ساڳيو ڪردار صورتخطيءَ جو به هوندو آهي. ٻوليءَ جي علم جو تعلق علم اللسان سان ٿئي ٿو، جنهـن جا هڪڙا مقرر اصول آهن، جن جي دائري ۾ رهي ڪا راءِ جوڙي سگھبي آهي، ليڪن صورتخطيءَ جو تعلق صوتيات کان علاوه سماجي رواج سان به رهي ٿو، جنـﻫـن جي بنياد تي ڪنهن لفظ جي صورت، اتفاق راءِ سان مقرر ڪئي ويندي آهي. مثلاً:
 مشي- مڇي (صوتيات موجب: ‘ش’ آواز جي بدران سماجي طور ’ڇ‘ ڪم آندو ويندو آهي.)
 مٽي/ مٽري- مٽي (مٽي ۽ مٽريءَ ۾ معنوي فرق موجود آهي ليڪن سماجي طور ان جي صورتخطي صرف ’مٽي‘ سان ئي قبول ڪئي وئي آهي.)
 وونئڻ- ونئڻ (لهـجاتي صوتيات موجب: ’وونئڻ‘ کي غلط نه ٿو چئي سگھجي، ليڪن سماجي طور ’ونئڻ‘ کي ترجيحاً درست قرار ڏنو ويو آهي.)
 مصالحه- مسالو (اصلاح جي معنى ۾، درست لفظ ’مصالحه‘ آهي، ليڪن سماجي طور تي ’مسالو‘ ئي ٺيڪ ڄاتو ويو آهي.
 ڪثر/ ڪسر (معنوي فرق موجب اهي ٻئي الڳ لفظ آهن، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ ٻنهي جو آواز ساڳيو رهي ٿو؛ ليڪن ڪوبه هڪ لفظ رد نه ٿو ڪري سگهجي.)
(وڌيڪ ڏسو: رسم الخط، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ڇهون، ص 214،
خط (Script)، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ص 488)
صورت سنڌي: پير حسام الدين راشدي ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ ۾ لکي ٿو ته، هي صاحب هندو هو. سندس نالو صورت سنگهه هو پر مشهور صورت سنڌيءَ جي نالي سان هو. سندس اردو ديوان 1299هه/1881ع ۾ ڪراچيءَ جي ‘وديا ونود’ نالي ڇاپخاني مان ’ پريم تت‘ جي نالي سان شايع ٿيو هو. انهيءَ اردو ديوان جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ منظوم تقريظ هڪ ٻئي اردو جي شاعر منشي ڀيمچند جي لکيل آهي. انهيءَ منظوم تقريظ جا چند بيت هت پيش ڪجن ٿا:
به گلزار بي خار صورت بهار،
کهلين جس مين معنيٰ ڪي غنچي هزار،
شگفته هين گل اس مين رنگين هزار،
کئي بلبلين اس په هوتين نثار.
صورت سنگهه پنهنجي ديوان ۾ غزلن قصيدن ۽ مثنوين کي هندستاني راڳن جي طرز تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هر هنڌ هندي راڳن ڏانهن اشارا به ڪيا اٿس. صورت سنگهه جي سنڌي ديوان ۾ فارسي ۽ سنڌي ڪلام موجود آهي. صورت سنگهه پنهنجي اردو ديوان ۾ جهوڪ جي صوفي بزرگ شاهه عنايت جي مدح ۾ پڻ هڪ قصيدو چيو آهي، جنهن جا چند بندهت پيش ڪجن ٿا:
خدا ڪا پيار هي محبوب يا رب مولا،عجب هي صوفي سلطان صاحب دولا.
جس نگاه مين آتي هين نور ڪي شعلي،
جس ڪي جسم مين الله ڪي عشق ڪا اولا.
بشر عنايت الله و قلندر هي،
شھ شهيد شهادت کا مرتبا پايا.


لفظ صوتياتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو