صورت سنڌي: پير حسام الدين راشدي ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ ۾ لکي ٿو ته، هي صاحب هندو هو. سندس نالو صورت سنگهہ هو پر مشھور صورت سنڌيءَ جي نالي سان هو. سندس اردو ديوان 1299ھہ/1881ع ۾ ڪراچيءَ جي ‘وديا ونود’ نالي ڇاپخاني مان ’ پريم تت‘ جي نالي سان شايع ٿيو هو. انهيءَ اردو ديوان جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ منظوم تقريظ هڪ ٻئي اردو جي شاعر منشي ڀيمچند جي لکيل آهي. انهيءَ منظوم تقريظ جا چند بيت هت پيش ڪجن ٿا:
بہ گلزار بي خار صورت بهار،
کهلين جس مين معنيٰ ڪي غنچي هزار،
شگفتہ هين گل اس مين رنگين هزار،
کئي بلبلين اس په هوتين نثار.
صورت سنگهہ پنھنجي ديوان ۾ غزلن قصيدن ۽ مثنوين کي هندستاني راڳن جي طرز تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هر هنڌ هندي راڳن ڏانهن اشارا بہ ڪيا اٿس. صورت سنگهہ جي سنڌي ديوان ۾ فارسي ۽ سنڌي ڪلام موجود آهي. صورت سنگهہ پنھنجي اردو ديوان ۾ جهوڪ جي صوفي بزرگ شاھہ عنايت جي مدح ۾ پڻ هڪ قصيدو چيو آهي، جنهن جا چند بندهت پيش ڪجن ٿا:خدا ڪا پيار هي محبوب يا رب مولا،عجب هي صوفي سلطان صاحب دولا.
جس نگاه مين آتي هين نور ڪي شعلي،
جس ڪي جسم مين ﷲ ڪي عشق ڪا اولا.
بشر عنايت ﷲ و قلندر هي،
شھ شھيد شهادت کا مرتبا پايا.