صورت سنڌي

صورت سنڌي: پير حسام الدين راشدي ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ ۾ لکي ٿو ته، هي صاحب هندو هو. سندس نالو صورت سنگهہ هو پر مشھور صورت سنڌيءَ جي نالي سان هو. سندس اردو ديوان 1299ھہ/1881ع ۾ ڪراچيءَ جي ‘وديا ونود’ نالي ڇاپخاني مان ’ پريم تت‘ جي نالي سان شايع ٿيو هو. انهيءَ اردو ديوان جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ منظوم تقريظ هڪ ٻئي اردو جي شاعر منشي ڀيمچند جي لکيل آهي. انهيءَ منظوم تقريظ جا چند بيت هت پيش ڪجن ٿا:
بہ گلزار بي خار صورت بهار،
کهلين جس مين معنيٰ ڪي غنچي هزار،
شگفتہ هين گل اس مين رنگين هزار،
کئي بلبلين اس په هوتين نثار.
صورت سنگهہ پنھنجي ديوان ۾ غزلن قصيدن ۽ مثنوين کي هندستاني راڳن جي طرز تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هر هنڌ هندي راڳن ڏانهن اشارا بہ ڪيا اٿس. صورت سنگهہ جي سنڌي ديوان ۾ فارسي ۽ سنڌي ڪلام موجود آهي. صورت سنگهہ پنھنجي اردو ديوان ۾ جهوڪ جي صوفي بزرگ شاھہ عنايت جي مدح ۾ پڻ هڪ قصيدو چيو آهي، جنهن جا چند بندهت پيش ڪجن ٿا:خدا ڪا پيار هي محبوب يا رب مولا،عجب هي صوفي سلطان صاحب دولا.
جس نگاه مين آتي هين نور ڪي شعلي،
جس ڪي جسم مين ڪي عشق ڪا اولا.
بشر عنايت و قلندر هي،
شھ شھيد شهادت کا مرتبا پايا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو