صورت سنگهه ‘بهار’: نامور شاعر ديوان صورت سنگهه ولد همت سنگهه چنديراماڻي 1268هه/ 1852ع ڌاري حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. مڪتب ۾ فارسي تعليم حاصل ڪئي. شاعريءَ جو ذوق پيدا ٿيس ته پنهنجي ننڍپڻ واري دوست ديوان بهار سنگهه جي ۽ پنهنجي نالي جي نسبت سان ‘صورت بهار’ تخلص اختيار ڪيائين. صورت سنگهه، نانڪ پنٿي ۽ صوفي منش هو. صورت سنگهه، فارسي، سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ شعر چيا آهن. سنڌي ڪافين ۾ ‘صورت’ تخلص ڪندو هو، اڪثر شعر اردو ۾ چوندو هو. ان جي ڪلام جو پهريون مجموعو پهريون دفعو 1886ع ۾ لاهور مان شايع ٿيو ۽ ٻيو دفعو ‘ديوان صورت بهار’ جي عنوان سان سنڌي رسم الخط ۾ 1935ع ۾ موتي اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس پريس، حيدرآباد مان ڇپيو. هن پنهنجي ڪلام ۾ گرونانڪ، شيخ طاهر عرف اڏيرو لال، شهباز قلندر، صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ شاهه يقيق سان عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. هن جي ڪلام مان ائين لڳي ٿو ته هو خود به انهن بزرگن جي درگاهن جي زيارت لاءِ ويندو هو. انهن بزرگن کانسواءِ ڀائي ڪشنچند ۽ ٻين هندو سنتن ۽ دوستن جو ذڪر پڻ سندس ڪلام ۾ ڪثرت سان موجود آهي. موسيقيءَ سان خاص لڳاءُ هئس. خود ڳائيندو هو. کيس ‘سُر سارنگ’ تي ملڪو حاصل هو. هن 25 سالن جي عمر ۾ 1877ع ۾ ديهانت ڪيو. سندس سماڌي حيدرآباد ۾ موجوده ڊومڻ واهه محلي جي هڪ باغ ۾ هئي.