صوري: هن لفظ جي لغوي معنيٰ ظاهري ۽ معنويءَ جو ضد جي آهي ۽ قطعه تاريخ جي فن جي اصطلاح ۾ هن جي وصف هيئن ٿيندي؛ قطعه تاريخ لکڻ وقت مصرعن ۾ لفظن ۾ سن جي عددن کي ظاهر ڪرڻ کي صوري چئبو آهي؛ هن جا ٻہ مثال هت ڏجن ٿا:
خوشيءَ جو ڏينهن آيو سنڌ جي لاءِ،
جڏهن پورو ٿيو ديوان نجفي،
اها شوال جي پنجويهين تاريخ،
۽ آهي سن تيرهن سؤ هجري.
25 شوال 1300ھہ/ 29 آگسٽ 1883ع ۾ هدايت علي نجفيءَ جو ديوان ڇپجي پورو ٿيو. هن قسم جي تاريخ کي صوري تاريخ چئبو آهي.
يارنهن سؤ ڇٽيھہ، هجرت هو سن،
عارفن جي عشق جو، فاضل جوڙيو فن.
سيد فاضل شاھہ ‘ليليٰ مجنون’ جي حوالي سان شعر چيو.