
ساجد سرشاري، صوفي
صوفي ساجد سرشاري : صوفي ساجد سرشاريءَ جو اصل نالو دوست محمد ولد ولي محمد سمو، قادري ۽ تخلص ’ساجد‘ هو. هن 15 اپريل 1922ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس وڏو بزرگ مخدوم طالب ﷲ قادري ٺٽي جو رهاڪو هو، ٺٽي جا اڪثر عالم ۽ سادات مخدوم طالب ﷲ جا مريد هئا.
هن قرآن شريف جي تعليم سيد ميين شاھہ جي خاندان جي ساداتن کان حاصل ڪئي. فارسي تعليم پنھنجي خاندان جي بزرگ عورتن وٽان حاصل ڪيائين. سنڌي پرائمري ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. هي نوجوانيءَ واري دور ۾ علامہ عنايت ﷲ مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ ان جو سرگرم ڪارڪن رهيو. آزاديءَ جي هلچل ۾ ساڍا ڇھہ مهينا ملتان جيل ۾ رهيو.
شاعريءَ ۾ الھہ بخش ’سرشار‘ عقيليءَ جو شاگرد رهيو ۽ ان نسبت سان پاڻ کي سرشاري سڏايائين. صوفي ساجد سرشاري طريقت ۽ معرفت جي سلسلي ۾ صوفي نصير محمد جلالاڻيءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي، جيڪو درگاھہ جهوڪ شريف جي سجادہ نشين صوفي عبدالستار (اول) جو مريد ۽ وڏو خليفو هو. صوفي عبدالستار (ثاني) جو ساجد سرشاريءَ سان گهڻو قرب هوندو هو، هي ميلي ۾ يا ٻين ڏهاڙن تي باقاعدگيءَ سان جهوڪ شريف ۾ حاضري ڀريندو هو. استاد سرشار عقيليءَ درگاھہ جهوڪ شريف سان سندس عقيدت ڏسي هڪ ڀيري کيس ’صوفي‘ سڏيو ۽ ان کانپوءِ هي ’صوفي ساجد سرشاري‘ سڏائڻ لڳو.
ساجد سرشاري سڄي زندگي مشهوريءَ کان پري رهيو ۽ سنڌي شعر و ادب جي خدمت ڪندو رهيو. سنڌي ادب ۾ شاعريءَ سان عشق هئس، جنهنڪري ڪراچيءَ جي ادبي تنظيمن ۽ مشاعرن ۾ سرگرم رهيو. جميعت الشعراءِ سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ سان سندس گهرو واسطو رهيو. ساجد سرشاري پنھنجي وقت جو بھترين شاعر هو، غزل، نظم، قطعي ۽ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين. سندس شاعريءَ ۾ مجاز کان وڌيڪ تصوف جو رنگ نمايان آهي.
ساجد سرشاريءَ جي دوستن جو حلقو تمام وسيع هو، جن ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولى، ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، لطف ﷲ بدوي، احسان بدوي، پير حسام الدين شاھہ راشدي، علي محمد شاھہ راشدي'>پير علي محمد شاھہ راشدي، حافظ محمد احسن چنا، سردار علي شاھہ ذاڪر، محمد جمن هالو،قاضي عبدالحئي قائل سرشاري'> قاضي عبدالحئي قائل سرشاري، الحاج رحيم بخش قمر، علامہ غلام مصطفى قاسمي ۽ ﷲ بخش سرشار عقيليءَ جا نالا قابل ذڪر آهن.
صوفي ساجد سرشاري، 30 ربيع الاول 1417ھہ/ 16 آگسٽ 1996ع جمعي جي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، سندس وصيت موجب کيس جهوڪ شريف ۾ شاھہ عنايت شھيد جي درگاھہ جي احاطي ۾ دفنايو ويو.
1922.04.15 عيسوي
صوفي ساجد سرشاريءَ جو اصل نالو دوست محمد ولد ولي محمد سمو، قادري ۽ تخلص ’ساجد‘ هو. هن 15 اپريل 1922ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.
1996.08.16 عيسوي
صوفي ساجد سرشاري، 30 ربيع الاول 1417هه/ 16 آگسٽ 1996ع جمعي جي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، سندس وصيت موجب کيس جهوڪ شريف ۾ شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جي احاطي ۾ دفنايو ويو.