صوفي صادق فقير جي مزار

صوفي صادق فقير جي مزار

صوفي صادق فقير

صوفي ‘صادق فقير’: ڪلهوڙا دؤر جي ناليواري ڪلاسيڪل شاعر صوفي صادق فقير جو پورو نالو محمد صديق سومرو هو. سندس جنم 1170ھہ/ 1756ع ڌاري ٿرپارڪر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ‘ٻنيءَ’ ۾ دين محمد سومري جي گهر ٿيو. سندس والد بلڙي جي سيدن جو مريد هو ۽ سندس ڏاڏو جلال سومرو، شاھہ عنايت شھيد جو مريد هو. سندن شجرو ڀونگر راءِ بن سومرو ۽ عمر راءِ سومرو سان ملي ٿو. نامور اديب راڄ محمد پليءَ لکيو آهي ته، سندس والد دين محمد سومرو گهڻو وقت ڪڇ ۾ رهيو ۽ مالدار ۽ ڀاڳيو ماڻهو هو. صديق فقير جي ڄمار سورهن، سترنهن سال هئي، جڏهن سندن مائٽ ڪڇ کي ڇڏي نئين ڪوٽ ويجهو ‘ڍوڍاري’ تي اچي ويٺا. ان ئي سال صادق فقير جي وڏي ڀاءُ حاجي محمد سومري کي ٺٽي جي ڪنهن نواب ڪنهن ڳالھہ تان قتل ڪرائي ڇڏيو. هن پنھنجي ڀاءُ جي قتل جو پلاند وٺڻ جو پڪو پھہ ڪيو ۽ گهر وارن کان موڪلائڻ کانسواءِ ملڪ جي مشھور ڌاڙيلن ۽ چورن جو ساٿاري بڻيو. نيٺ هڪ ڏينهن صديق فقير انهيءَ نواب تي اچانڪ حملو ڪري ان کي قتل ڪري ڀاءُ جو پلاند ورتو. هن جي ٽولي ڪڏهن بہ ڪنهن غريب يا مجبور کي نہ آزاريو. روايت آهي تہ 17 سالن جي عمر کان 25 سالن جي عمر تائين چورن ۽ ڌاڙيلن جي ٽولي ۾ رهيو. هڪ دفعي ٽولي سان گڏ جهوڪ شريف جي صوفين جي اوتاري تان گذريو تہ اتي سجادہ نشين فضل شاھہ قلندر جي رهاڻ هلندڙ هئي. هن صوفيءَ جا گفتا ٻڌا تہ سڀ ڪجهہ ڇڏي اتي گوڏا کوڙي ويهي رهيو. صديق فقير، فضل شاھہ قلندر جي مريد ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل ٽيهارو کن سال جهوڪ شريف ۾ گهاريا، جهوڪ ۾ هڪ ڀيري مائٽن اچي شاديءَ لاءِ چيس. هن جي انڪار بعد صوفي فضل کيس حڪم ڪيو، جنهن ڪري ڳوٺ اچي 55 سالن جي ڄمار ۾ شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٻن پٽن جو اولاد ٿيو، جيڪي سندس حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويا.
صوفي شھر (ضلعي عمرڪوٽ) ۾ صوفي صادق فقير جي مزار:
فقير صادق گهڻو وقت جهوڪ ۾ رهڻ کان پوءِ پنھنجي ڳوٺ ‘ڍوڍاري’ ۾ ويٺو ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ اتان هميشہ لاءِ لڏي تعلقي عمرڪوٽ جي ديھہ ‘اهر’ ۾ ويٺو، جنهن ڳوٺ کي هاڻ صوفي فقير سڏيو وڃي ٿو. پوءِ ٻي شادي ڪيائين، جنهن مان نظام الدين پٽ ڄائو، جيڪو پڻ وڏو شاعر ۽ درويش ٿيو، جنهن جي اولاد مان سجادہ نشين ٿيندا اچن. ٽين شادي ٺڪر راجپوتن مان ڪيائين، جنهن مان شھاب الدين ۽ عبدالحئي پيدا ٿيا. ڊاڪٽر بلوچ لکيو آهي تہ: “فضل شاھہ قلندر جي وفات بعد فقير محمد صديق ميرانپور جي صوفي قادري طريقي جو اڳواڻ ٿي رهيو. سندس مريدن جو وڏو سلسلو هو ۽ اڃا هلندو اچي. سندس صحبت عبدالرحيم گرهوڙي، ابن فقير دهلڙي وارو ۽ راضي شاھہ لڪياريءَ سان هئي. صوفي فقير محمد صديق کي راڳ ۽ سماع جو وڏو شوق هو. سندس حياتيءَ ۾ ٻن قسمن جي راڳ جو بنياد پيو. هڪ کي ‘سماع’ ۽ ٻئي کي ‘حاضريءَ’ جو راڳ چون. حاضريءَ جو راڳ گادي نشين اڳيان ڳايو ويندو آهي، جهوڪ تي باقاعدہ راڳ جو بنياد وجهڻ پڻ صوفي صديق ‘صادق’ فقير جو ڪارنامو آهي. صوفي محمد صديق جي حڪم تي، خليفن چونڊ شاعرن جي شاعريءَ تي مشتمل هڪ ڪتاب ‘راڳ نامون’ تيار ڪيو. هي ڪتاب گم ٿي ويو تہ ٻيهر ان کي تيار ڪري نروار ڪيو ويو. اصل ۾ هن ۾ اهو ڪلام شامل آهي، جو صوفي صاحب جي درگاھہ تي ڳايو وڃي ٿو. هي ڪتاب ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز پاران 1981ع ۾ ڇپرايو ويو. جڏهن تہ صوفي صديق فقير صادق جو پنهنجو چيل شعر، سنڌي ڪلاسيڪي شعر جو نهايت اعليٰ نمونو آهي. راڄ محمد پلي مرحوم، صوفي صاحب جي شاعريءَ تي ڪم ڪيو، ۽ فقير جي زندگيءَ جي باري ۾ بهتر طريقي سان، تحقيق ڪئي. ان نوعيت جو گهڻو مواد رسالي ‘مهراڻ’ ۾ گهڻو آڳاٽو ڇپيو هو. هلندڙ دور ۾ ڊاڪٽر اسد جمال پلي، راڄ محمد پلي صاحب جي کوجنا کي گڏ ڪري: “وڙهيا، واڳيا، واپريا” جي نالي سان مرتب ڪري، سال 1998ع ۾ شايع ڪيو. هِت وري بہ وضاحت ڪجي ٿي تہ: ‘راڳ نامو’ بجاءِ صوفي صاحب جو پنهنجو سنڌي شعر اهو ئي آهي، جو راڄ محمد پليءَ ايڊٽ ڪيو ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ مرتب ڪري نروار ڪيو. ان شعر ۾ ‘ڪيڏارو’ خاص اهميت رکي ٿو. صوفي صديق فقير، 11 رمضان 1265ھہ/ جولاءِ 1849ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ۽ مقبرو ميرپورخاص کان عمرڪوٽ ويندڙ رستي جي وچ تي آهي. ماڳ جو پراڻو نالو ‘اهر شريف’ تبديل ٿي، نئون نالو ‘صوفي صادق فقير’/ ‘صوفي فقير’ ٿي ويو آهي. صوفي صاحب جي حوالي سان ‘دردنامو’ ۽ ‘ارشادنامو’ بہ لکيو ويو آهي. اصل ۾ هي ٻہ مختصر ڪتاب درگاھہ جهوڪ شريف جي حوالي سان وڏي اهميت رکن ٿا. البت اهي صوفي صادق فقير جي لکيل ڪتابن ۾ شمار نہ ٿا ٿين.


لفظ صوفي صادق فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو