صوفي غلام محمد فقير گل ٽالپر : صوفي فقير غلام محمد ٽالپر خيرپور ضلعي، تعلقي ڪوٽڏجي، ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ غلام حسين ٽالپر جي گهر ۾ 1278ھہ/1861ع ۾ جنم ورتو. سندس ڳوٺ ٽالپر وڏا تعليم، طب، تصوف ۽ ادب جي ڪري مشھور آهي. فقير غلام محمد جي بنيادي تعليم سندس ڳوٺ جي مدرسي ۾ ٿي. مجازي عشق کيس شاعري ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ پنهنجو تخلص ’گل‘ چونڊيائين. فقير غلام محمد سنڌي، سرائڪي، عربي، فارسي ۽ هنديءَ ۾ شعر چيا آهن. ڪلام ۾، نعت، حمد، منقبت، ڪافي، وائي، بيت، ڏوهيڙا، سي حرفيون ۽ ڀڄن وغيرہ شامل آهن، تصوف سان وابستہ هئڻ ڪري شاھہ عبداللطيف رحه جي فقيرن محمد لائق ۽ تمر فقير جو وڃي مريد ٿيو ۽ ڪارو ويس پائڻ شروع ڪيائين. ان کان سواءِ صوفي غلام محمد فقير پنھنجي زرعي زمين مان چئن ايڪڙن زمين کي ’لطيف جو لوڙهو‘ نالو ڏنو ۽ ان لوڙهي اندر ٺڪرن سروٽن ۽ ڀترن جو هڪ وڏو دڙو ٺاهيو، جنهن جي ڊيگهہ 60 فوٽ، ويڪر 40 فوٽ ۽ اوچائي 35 فوٽ آهي ۽ ان تي چڙهڻ لاءِ 32 عدد ڏاڪا آهن. فقير غلام محمد انهيءَ دڙي جي مٿان جيئري پنھنجي قبر ٺاهي، جنهن ۾ وڃي ﷲ پاڪ جو ذڪر ڪندو هو. هن دڙي جي ڀرسان هڪ مسجد بہ پنهنجن هٿن سان تعمير ڪرائي، جنهن جي ڀتين ۾ دانگيءَ جي وٽُن ۽ ٺڪر جي ٺڪرين سان اهڙا تہ چٽ چٽيائين، جو ايندڙ ڏسي اچرج ۾ پئجي ويندا آهن. فقير غلام محمد صوفيءَ 9 جماد الاول 1363ھہ/1944ع جمعي جي ڏينهن وفات ڪئي، سندس ورسيءَ تي صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل سان ملهائي ويندي آهي.