صوفي فقير عبدالله سومرو : شاعر ۽ بزرگ فقير عبدالله ولد خير محمد صوفي ذات جو سومرو هو. سندس تعلق درگاهه جهوڪ شريف جي خليفي ۽ مشهور شاعر، صوفي محمد صادق سومري جي خاندان سان هو. هن 1900ع ڌاري ڳوٺ صوفي فقير ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. پاڻ خانداني زميندار هو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ زمينداري سنڀالڻ لڳو. ننڍپڻ کان ئي عبادت گذار هوندو هو، پر کيس راڳ ٻڌڻ ۽ ڳائڻ جو گهڻو شوق هو. صوفي راڳين جي صحبت ۾ رهي ڳائڻ به سکيو. غريب ماڻهن سان کيس گهڻي همدردي هوندي هئي.فصل لٿي پنهنجي حصي جو اَنُ اڪثر مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، جنهنڪري کيس ’سخي سائين‘ ۽ عبدالله غازي جي نالن سان به سڏيو ويندو هو. جوانيءَ ۾ کيس مجازي عشق جي چوٽ لڳي، جنهن بعد مجذوبيت کي رسيو. انهيءَ حالت ۾ وارث کيس جهوڪ شريف ۾ نصير فقير جلالاڻيءَ وٽ وٺي ويا، جنهن جي صحبت اختيار ڪري صوفين جي واٽ ورتائين. شاعريءَ سان لاڳاپو ننڍپڻ کان ئي هئس، درگاهه جهوڪ جو در جهلڻ کانپوءِ باقاعدي شاعري ڪيائين. سندس شاعري ۾ جماليات ۽ تصوف جي اپٽار نمايان آهي. فقير عبدالله 1945ع ڌاري ذڪر ڪندي وفات ڪئي. سندس مزار ڳوٺ صوفي فقير ۾ درگاهه صوفي صادق واري قبرستان ۾ آهي.