صوف فقير

صوف فقير: صوف فقير دهلاري 1890ع ڌاري ڳوٺ سعدو ديرو ۾ ڄائو. ڪجهہ سالن کانپوءِ سندس وڏا لڏي اچي نئين ديري ۾ ويٺا ۽ هميشہ اتي جا ٿي ويا. صوف فقير ذات جو مڱڻهار هو، جنهن ڪري ننڍپڻ کان ئي دهل ۽ شرناءِ خانداني ورثي طور مليا، هن پنھنجي انهيءَ آبائي فن ۾ وڏو نالو ڪڍيو. پوري سنڌ ۾ صوف فقير ٽاهو وڄائڻ ۾ وڏو ماهر هو ۽ شرناءِ بہ سٺي وڄائي ڄاڻندو هو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي ڪنهن ملاکڙي ۾ صوف فقير نہ هوندو تہ ملاکڙي ۾ رونق نہ هوندي هئي. صوف فقير سنڌ جي وڏن وڏن ملاکڙن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ ڀٽائي، قلندر ۽ سنڌ جي ٻين وڏن ملاکڙن ۾ انعام پڻ کنيائين. صوف فقير هونئن تہ غريب گهراڻي جو فرد هو، پر پنھنجي ٺٺ ٺانگر ۾ رهندو هو. سدائين شلوار قميص ۽ بوسڪيءَ جي پٽڪي ۾ هوندو هو. هن 1967ع ڌاري نئين ديري ۾ وفات ڪئي.


لفظ صوف فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو