صوڀراج پرسرام مينگهاڻي

صوڀراج پرسرام مينگهاڻي: مشھور اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ صوڀراج پرسرام مينگهاڻي، ايس. پي مينگهاڻي جي نالي سان پڻ مشھور هو. سندس جنم پهرين مارچ 1934ع تي ميرپورخاص سنڌ ۾ ٿيو. ورهاڱي وقت سنڌ مان لڏي وڃي ممبئي وسايائين. هيءُ تعليمي قابليت جي حوالي سان گريجوئيٽ هو. هن 30 کان مٿي سنڌي، هندي ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪري پاڻ مڃايو، جن ۾ ‘انڊر سيڪريٽري’، ‘الجهن’، ‘مهمان’، ‘پل جو پتي’ ۽ ‘هيءَ يا هوءَ’ (سنڌي)، ‘اجنتاسي پئرس تڪ’، ‘ڪاليج هاسٽل’، ‘جئي گنڌا’، ‘شڪنتلا’ ۽ ‘روتي بيتي’ (هندي) قابل ذڪر آهن. هن 100 کان وڌيڪ ريڊيو جي ناٽڪن ۾ ڪم ڪيو. ان کانسواءِ 12 سنڌي ۽ هندي فلمن ۾ اداڪاري ڪئي، جن ۾ ‘هو جمالو’، ‘نقلي شان’، ‘رات هڪ طوفان جي’، ‘بدنام فرشتي’ ۽ ‘گهر ڪي لاج’ وغيرہ قابل ذڪر آهن. ايس. پي مينگهاڻي، سنڌي ۽ هندي ڊرامن ۾ اداڪاري ۽ هدايتڪاريءَ کان سواءَ گجراتي ۽ مرهٽي ناٽڪن ۾ پڻ اداڪار ۽ هدايتڪار طور ڪم ڪيو. کيس ڪيترائي اوارڊ مليا، جن ۾: ‘اکل ڀارت سنڌي ٻولي’ ۽ ‘ساهت سڀا’، ‘اکل ڀارت سنڌي پئنچات فيڊريشن مهاراشٽر سرڪار’ قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.03.01  عيسوي

صوڀراج پرسرام مينگهاڻي جو جنم پهرين مارچ 1934ع تي ميرپورخاص سنڌ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جميل اختر
ٺوڙهو نواب خير محمد خان
ابڙو عبدالحق
غلام مصطفيٰ کهڙو ڊاڪٽر
آفتاب سومرو2
درويش ڀِرڪيي لنگ جو مڪان
دراني آغا الھڏنو
ڏاهري رضا محمد
قاسم سنڌي پاٽائي
بلوچ سرور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون