صيهونيت

صيهونيت (Zionism): زيان (Zion) قديم جيرو سلم جي پهاڙن مان هڪ ٽڪريءَ جو نالو آهي. ‘زيانزم’ (صيهونيت) هڪ قومپرست يهودي تحريڪ آهي، جنهن جو مقصد فلسطين ۾ يهودين جي قومي رياست قائم ڪرڻ آهي. هن تحريڪ جي دعويٰ مطابق فلسطين يهودين جو قديم ملڪ آهي، جنهن کي عبراني زبان ۾ ‘اريٽز اسرائيل’ (Eretz Israel) يعني اسرائيل جو ملڪ چئجي ٿو. جيتوڻيڪ هيءَ تحريڪ 19 صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري اوڀر ۽ وچ يورپ ۾ اسري، ليڪن تحريڪ کي قائم ڪرڻ جي تمنا يهودين جي دلين ۾ تمام وڏي عرصي کان رهندي ٿي آئي. بائيبل جي پراڻي عهدنامي ۾ حضرت دائود عليہ السلام جي فتح ڪيل ٽڪري ‘زيان’ جو قلعو، جتي هن پنهنجو تختگاھہ قائم ڪيو هو. يهودي عالمن ۽ اديبن جي توجھہ جو مرڪز رهندو آيو. انهيءَ ٽڪريءَ تي جيرو سلم شھر جي اتر طرف حضرت سليمانعه لاءِ عبادت گاھہ تعمير ٿي. پراڻي عهدنامي ۾ جيروسلم جو لقب ‘زيان’ 152 دفعا استعمال ڪيو ويو آهي. نئين عهدنامي ۾ ست دفعا ان جو سڌو ذڪر ڪيل آهي ۽ پنج حوالا پراڻي عهدنامي مان ڏنل آهن. يهودي ادب ۾ ‘زيان’ مذهبي اصطلاح طور جذباتي انداز ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي. عام رواجي نثر ۾ ان جو استعمال گهٽ ڪيو ويو آهي. مسيحي ادب ۾ ‘زيان’ جو ڪثرت سان بيان ملي ٿو. ان بابت مداحون ڏيکارن ٿيون تہ هي آسماني شھر جو لقب آهي يا مسيحي برادري ۽ ايڪي جو دنيوي شھر آهي. 14 مئي 1948ع تي جاري ڪيل پڌرنامي مطابق اسرائيل جي نظرياتي رياست جو قيام ‘زيانزم’ (صيهونيت) جي تحريڪ جو جديد آغاز ثابت ٿيو آهي.


لفظ صيهونيتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو