ص (سورة): قرآن مجيد جي 38هين سورة ‘ص’ مڪي ۾ نازل ٿي. حرف ‘ص’ حروف مقطعات ۾ شامل آهي، حروف مقطعات سڀ جا سڀ آيت طور ڳڻيا وڃن ٿا. هن سورة ۾ 88 آيتون ۽ پنج رڪوع آهن. هن جي نازل ٿيڻ متعلق حضرت ابن عباس رضي ﷲ عنه کان روايت ٿيل حديث هن طرح بيان ڪئي وڃي ٿي تہ جڏهن پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو چاچو حضرت ابو طالب بيمار ٿيو تہ مڪي جا قريش اُن جي طبيعت پڇڻ آيا. پاڻ سڳورا بہ تشريف فرما ٿيا. ابوجهل ۽ ٻين سردارن حضرت ابو طالب کي دانهن ڏني تہ هي تنهنجو ڀائٽيو اسان جي خدائن (بُتن) کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائي. ابو طالب کانئن پڇيو تہ ‘اي ڀائٽيا! پنھنجي قوم کان ڇا ٿو چاهين؟’ پاڻ سڳورن فرمايو تہ هنن کان فقط هڪ ڪلمو چورائڻ ٿو گهران، جنهن جي صدقي سمورا عرب هنن جا تابعدار ۽ سڄو عجم هنن جي ڍل ڀريندو. اهي چوڻ لڳا تہ ‘فقط هڪ ڪلمو؟ اسان ان لاءِ تيار آهيون، پر اُهو ڪلمو ڪهڙو آهي؟’ رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جن فرمايو تہ “لاَ اِلهَ اِلا ﷲ”. ان تي سڀئي حضرت ابو طالب کي اُٿي چوڻ لڳا تہ ‘ڇا! هن ڪيترن ئي خدائن کي هڪ ئي معبود ٺاهي ڇڏيو آهي؟ هيءَ تہ وڏي نرالي ڳالھہ آهي.’ تنهن تي ﷲ تعالى هي سورة نازل فرمائي. ‘سورة ص’ جو هن کان پهرين ‘سورة صافات’ سان ڳانڍاپو هن طرح آهي، جو هيءَ سورة پوئين سورة جو بقايا حصو آهي. يعني تہ جيڪي مضمون ‘سورة الصافات’ ۾ بيان ٿيا، انهن جي ضميمي طور هيءَ ‘سورة ص’ نازل ٿي. هن سورة جي منڍ ۾ چيو ويو آهي ته، هي قرآن توهان جي هدايت لاءِ آيو آهي. ان کان سواءِ ان ۾ ڪافرن جي هٺ ڌرمي، توحيد ۽ نبوت جي انڪار جو ذڪر بہ آيو آهي. ان کانپوءِ جنت ۽ جنت وارن جو بيان ۽ پوءِ رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم کي رسالت جي تبليغ جو حڪم آهي. اهو بہ چيو ويو آهي تہ قرآن مجيد سڄي ڪائنات جي جنن ۽ انسانن لاءِ هدايت آهي ۽ آخر ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ قرآن مجيد جا حقائق قيامت تائين ظاهر ٿيندا رهندا. ابو بڪر ابن العربي جي قول مطابق ‘ص’ سورة ۾ يارنهن آيتون اهڙيون آهن، جن مان اُڻونجاھہ شرعي حڪم ۽ فقهي مسئلا نڪرن ٿا. هن سورة جي فضيلت حديث شريف ۾ هن طرح آهي تہ: “جيڪو شخص هن جي تلاوت ڪندو رهندو تہ ﷲ تعالى ان کي انهن جبلن کان ڏهوڻ تي وڌيڪ نيڪيون عطا ڪندو، جيڪي ﷲ تعالى حضرت داؤد عليہ السلام لاءِ مسخر ڪيا ويا هئا.”