ضُحيٰ (سورة): هيءَ قرآن مجيد جي 93 نمبر سورة آهي، جنهن ۾ هڪ رڪوع ۽ يارنهن آيتون آهن، هيءَ سورة مڪي شريف ۾ نازل ٿي. هن سورة ۾ سڌو سنئون پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي خطاب ڪيو ويو آهي. هن سورة جي نازل ٿيڻ کان اڳ ڪجهه وقت تائين وحي نازل ٿيڻ جو سلسلو بند ٿي ويو هو. ان ڪري حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن کي گهٻراهٽ ٿي ته ڪٿي احڪامِ الاهي جي پيروي ۾ ڪا گهٽتائي ته نه ٿي؟ هن سورة ۾ کين تسلي ڏني وئي ته وحيءَ جو سلسلو ڪنهن ناراضگيءَ سبب بند نه ڪيو ويو آهي، بلڪه عنقريب توهان جو رب توهان کي خوش ڪري ڇڏيندو ۽ جن تڪليفن کي اوهان منهن ڏئي رهيا آهيو، سي ٿورا ڏينهن آهن ۽ اوهان اهو ڪيئن سوچيو ته اسان اوهان کي ڇڏي ڏنو ۽ اسان توهان کان ناراض آهيون؟ ايئن هرگز ناهي. اسان ته اوهان تي شروع کان ئي مهربانيون ڪندا پيا اچون. مثال طور: توهان يتيم هئا ته اوهان جي بهترين پالنا ۽ سار سنڀال جو انتظام ڪيوسين. توهان اڻ واقف هئا، اوهان کي سڌي واٽ جي هدايت ڪئي سون، اوهان وٽ دنيا جا اسباب نه هئا، اسان اوهان کي مالدار ڪيو، پوءِ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو اسان توهان کي وساريو هجي؟ سورة جي آخر ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي اهو ٻڌايو ويو آهي ته اوهان کي خدا جي خلق سان سهڻو سلوڪ روا رکي اسان (الله) جي نعمتن جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.