ضُحيٰ (سورة): هيءَ قرآن مجيد جي 93 نمبر سورة آهي، جنهن ۾ هڪ رڪوع ۽ يارنهن آيتون آهن، هيءَ سورة مڪي شريف ۾ نازل ٿي. هن سورة ۾ سڌو سنئون پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي خطاب ڪيو ويو آهي. هن سورة جي نازل ٿيڻ کان اڳ ڪجهہ وقت تائين وحي نازل ٿيڻ جو سلسلو بند ٿي ويو هو. ان ڪري حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي گهٻراهٽ ٿي تہ ڪٿي احڪامِ الاهي جي پيروي ۾ ڪا گهٽتائي تہ نہ ٿي؟ هن سورة ۾ کين تسلي ڏني وئي تہ وحيءَ جو سلسلو ڪنهن ناراضگيءَ سبب بند نہ ڪيو ويو آهي، بلڪہ عنقريب توهان جو رب توهان کي خوش ڪري ڇڏيندو ۽ جن تڪليفن کي اوهان منهن ڏئي رهيا آهيو، سي ٿورا ڏينهن آهن ۽ اوهان اهو ڪيئن سوچيو تہ اسان اوهان کي ڇڏي ڏنو ۽ اسان توهان کان ناراض آهيون؟ ايئن هرگز ناهي. اسان تہ اوهان تي شروع کان ئي مهربانيون ڪندا پيا اچون. مثال طور: توهان يتيم هئا تہ اوهان جي بھترين پالنا ۽ سار سنڀال جو انتظام ڪيوسين. توهان اڻ واقف هئا، اوهان کي سڌي واٽ جي هدايت ڪئي سون، اوهان وٽ دنيا جا اسباب نہ هئا، اسان اوهان کي مالدار ڪيو، پوءِ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو اسان توهان کي وساريو هجي؟ سورة جي آخر ۾ پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي اهو ٻڌايو ويو آهي تہ اوهان کي خدا جي خلق سان سھڻو سلوڪ روا رکي اسان (ﷲ) جي نعمتن جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.