
ضراب حيدر
ضراب حيدر: ناليواري ڪهاڻيڪار، ناول نويس، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڊراما نگار ضراب حيدر ولد غلام حيدر ڪليار جو جنم 12 اپريل 1967ع تي سکر شھر ۾ ٿيو، سندس والد پنھنجي وقت جو مشھور زرعي ماهر هو. ضراب پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول وحدت ڪالوني حيدرآباد ۽ پنگريو ضلعي بدين مان، مڊل ۽ انٽر نوابشاھہ مان، بي فارميسي 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي. ان کانسواءِ ايم. اي اردو ۽ سنڌي کانسواءِ ۽ ڊي. ايڇ. ايم (ڊاڪٽر آف هوميو پيٿڪ ميڊيسن) جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائين. لکڻ جي شروعات 1983ع ۾ ڪيائين، انهيءَ زماني ۾ اسڪولي مئگزين ۽ ٻارن جي رسالي ’گل ڦل‘ ۾ لکندو رهيو. سندس پهرين ڪهاڻي گورنمينٽ (جي. پي) ڊي. سي هاءِ اسڪول نوابشاھہ جي مخزن ’سوجهرو‘ ۾ 1983ع ۾ ڇپي. اڳتي هلي هو ’عبرت مئگزين‘ ۾ بہ لکندو رهيو. سندس ڪيتريون ڪهاڻيون ’عبرت مئگزين‘ ۾ ڇپيل آهن. سندس ڪهاڻين ۽ ڊائريءَ جي ورقن جو پهريون مجموعو ’انگن چڙهيو انگ‘ 1989ع ۾ شانتي پبليڪيشن بدين پاران ڇپرايو ويو، جنهن جو مهاڳ ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي لکيو. سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ’سرحدن کان اڳتي‘ 1996ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ڇپيو، جنهن جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجي لکيو. سندس آتم ڪٿائي ناول ’زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان‘ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2006ع ۾ ڇپيو. ضراب حيدر صحافت جي حوالي سان مختلف اخبارن سان سلهاڙيل رهيو، جن ۾ روزاني ’هلچل‘، ’تعمير سنڌ‘، ’ڪوشش‘، ’سوڀ‘ ۽ ٻيون اخبارون شامل آهن. صحافت سان گڏ ضراب حيدر ڪيترائي احساساتي ڪالم پڻ لکيا آهن.
ضراب حيدر سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا سان پڻ سلهاڙيل رهيو آهي. 2000ع ۾ هن ’اجرڪ ٽي. وي‘ ۽ ’رنگ ٽي. وي‘ تي اسڪرپٽ ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيو ۽ پوءِ 2008ع ۾ مهراڻ ٽي. وي حيدرآباد ۾ بنيادي انتظاميا جو حصو بڻيو. مهراڻ ٽي. وي جي بنيادي ميمبر جي حيثيت ۾ هن سنڌي سماج ۽ ثقافت کي عام ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي بهتر پاليسيون ڏنيون. شاھہ جو ڪلام عام ڪرڻ، شاھہ جا بيت متعارف ڪرائڻ، سهرا ۽ ڪارٽون، خاص سنڌي ڊرامي کي بهتر ڪيو، بندوق ڪلچر، ڌاڙيل ڪلچر ۽ ڊريسنگ جو خاص خيال رکيو، هن مهراڻ ٽي. وي لاءِ سنڌ جي مشھور ڪهاڻيڪار، امر جليل، نسيم کرل، نور الهديٰ شاھہ، حميد سنڌي ۽ ٻين جون ڪهاڻيون ڊراما ٽائيز ڪري بھترين هدايتڪاريءَ ۾ پيش ڪرايون. بعد ۾ کيس ترقي ڏيئي پروگرام مئنيجر جو عهدو ڏنو ويو. هن ڪيترائي ڊراما سيريلز لکيون آهن، جيڪي مختلف سنڌي ٽي. وي چينلز تان نشر ٿي چڪيون آهن. ڪي. ٽي. اين تي سندس مشھور سيريل ’روگ‘ ۽ مهراڻ ٽي. وي تي سندس مشھور سيريل ’حياتي صدائون‘ آهي. سندس هڪ ناول ’رنگ گرهڻ‘ ماهوار ’همسري‘ مئگزين ۾ قسطوار پڻ شايع ٿي رهيو آهي.
ضراب سنڌي ادبي سنگت سان پڻ سلهاڙيل رهيو آهي، هو ڪيترائي ڀيرا سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاھہ جو سيڪريٽري ۽ سال 1998ع ۾ نامور شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جي سيڪريٽري جنرل واري دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو.
ضراب حيدر ڪيترائي مڃتا اوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، جن ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان اوارڊ بھترين نثر نگار اوارڊ 2005ع، اڪيڊمي آف ليٽرس پاران شاھہ عبداللطيف اوارڊ 2016ع، بھترين ڪارڪردگي اوارڊ مهراڻ ٽي. وي 2009ع، بھترين ڪهاڻيڪار سنڌ راڻي اوارڊ 2016ع، بھترين ڊرامه نگار ڀٽائي آرٽس ڪائونسل اوارڊ 2016ع، آزادي صحافت اوارڊ 1999ع، بھترين رائٽر فقير محمد لاشاري اوارڊ 2015ع قابل ذڪر آهن. ضراب حيدر سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ 2011ع کان ڪم ڪري رهيو آهي، هو انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ ’ريسرچر‘ ۽ هن وقت سنڌي ڊڪشنري بورڊ ۾ ريسرچ فيلو آهي.
1967.04.12 عيسوي
ضراب حيدر ولد غلام حيدر ڪليار جو جنم 12 اپريل 1967ع تي سکر شهر ۾ ٿيو..