ضربخانو دارالضرب

ضربخانو/دارالضرب: پراڻي دؤر ۾ ضربخانو معيشت جي نظام جو هڪ اهم ادارو هو. جتي سڪا ٺاهيا ويندا هئا. ضربخاني کي دارالضرب ۽ ٽڪسال پڻ سڏيو ويندو هو. ننڍي کنڊ ۾ خصوصاً مسلمانن جي فتح کانپوءِ ابتدائي صدين ۾ ٽڪسال جو سڀ کان پهريون ۽ ضروري ڪم حڪومت ۽ عوام جي مالي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ سڪا ٺاهي مهيا ڪرڻ هو، ان کانسواءِ ٽڪسال پراڻا ۽ گسيل سڪا واپس وٺي ڪري نوان سڪا ڏيڻ جو ڪم به ڪندو هو، ٽڪسالن ۾ چاندي، سون، ٽامون ۽ پتل وڏي مقدار ۾ محفوظ رکيو ويندو هو. ننڍي کنڊ تي قبضي کانپوءِ عرب حاڪمن ضربخانن تي زور ڏنو ۽ عرب کي اهو ورثو بازنطي ۽ ساساني حڪومتن کان مليو. ضربخاني جو عملو منشين ۽ ڪاريگرن تي مشتمل هوندو هو. منشين جو ڪم هوندو ته ٽڪسال جي نظرداري ڪن ۽ سڪاتيار ٿيڻ کانپوءِ حڪومت جي ذميدار عملي جي حوالي ڪرڻ، ڪاريگرن جا ٽي قسم هوندا هئا. جن جو تفصيل هي آهي:
(1) سُبَاڪُون: اهو ڪاريگر جيڪو ڌاتن کي وگهرائڻ جو ڪم ڪري.
(2) ضرابون: اهو ڪاريگر جيڪو وگهريل ڌاتن مان سڪا ٺاهيندو وڃي.
(3) نقاس: اهو ڪاريگر جيڪو سڪن تي نقش ٺاهڻ جو ڪم ڪري.
مسلمانن جي ضربخانن ۾ گهڻو ڪري صرف ۽ صرف سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا ٺاهيا ويندا هئا. پهرين صدي هجري/ اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ تي عربن قبضو ڪيو ته هنن پنهنجا سڪا جاري ڪرڻ جي بدران مسلمان حڪمرانن جا قديم سڪا جاري ڪيا. عربن جي دؤر ۾ جيڪا سڪا رائج هئا تن بابت ڪا به ڄاڻ نه ٿي ملي. البته دؤر ۾ هباري دؤر ۾ سنڌ جي حاڪم بن عمر هباري'>عبدالله بن عمر هباري جي دؤر حڪومت جا ٽي سڪا مليا آهن، جن مان هڪ چانديءَ جو ۽ ٻه ٽامي جا آهن. اهي سڪا 1882ع ۾ دلور جي ڀروارن کنڊن مان لڌا ويا آهن، جيڪي شهدادپور شهر جي ڀر ۾ آهن. هنن سڪن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته منصوره جا هباري حاڪم، بنو عباسي جي حاڪم جا تابع ڪو نه هئا. ڇو ته سڪن تي ڪٿي به عباسي گهراڻي جو نالو نٿو ملي، جنهن کانپوءِ اها ڳالهه بلڪل واضح ٿئي ٿي ته سنڌ جي عربن يعني هباري گهراڻي وارن کي منصوره ۾ پنهنجو ضربخانو هو. جتي سڪا ضرب ڪيا ويندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو