ضياءُ الحق ڪانڌڙو

ضياءُ الحق ڪانڌڙو

ضياء الحق ڪانڌڙو

ضياءُ الحق ڪانڌڙو: سنڌي فوجي جوان ضياءُ الحق ولد قاضي عبدالوهاب ڪانڌڙو 19 مئي 1970ع تي ڳوٺ سيهڙ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ سيهڙ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1991ع ڌاري پاڪستان آرميءَ ۾ ڪميشن پاس ڪري سيڪنڊ ليفٽيننٽ طور ڪئي. نوڪريءَ دوران هن سيالڪوٽ، پشاور، لاهور، ڪراچي، حيدرآباد، ڪشمير ۽ ڪوئيٽا ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون. هيءُ رينجرس جي 32 ونگ جو سربراھہ پڻ رهيو. جڏهن اٺين ڪلاس جو شاگرد هو، تڏهن هن پنھنجي ڳوٺ ۾ ايڊيوڪيشن ويلفيئر سوسائٽي قائم ڪئي، جڏهن هو مئٽرڪ جو شاگرد هو تہ هن لاڙڪاڻي ۾ ايڊيوڪيشنل سروسز سوسائٽي قائم ڪري دوستن سان گڏجي ٻارن جي تعليم لاءِ ڪوششون ڪيون. هو ڪميشن ڪري ڪاڪول اڪيڊميءَ ۾ ويو، هن کي ادب سان بہ گهرو لڳاءُ رهيو. هن وٽ مطالعي لاءِ پنھنجي ڳوٺ ۾ هڪ ذاتي لائبريري بہ هئي، جنهن ۾ انگريزي، اردو ۽ سنڌي ادب، تاريخ ۽ ٻين موضوعن تي ڪتابن جو چڱو خاصو تعداد موجود آهي.
ضياءُ الحق ڪانڌڙي 1997ع ۾ شادي ڪئي، کيس ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، سندس بدلي جڏهن مهمند ايجنسيءَ ۾ ٿي، جتي هن جي سربراهي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ٿيو تہ هن ڪيترائي هفتا دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جنهن دوران شهادت ماڻڻ تائين هن لڳ ڀڳ 70 دهشتگرد ماريا، ان دوران سندس 12 نوجوان شھيد پڻ ٿيا، ان آپريشن دوران جڏهن هي پنهنجن ٻين جوانن سان گڏ شھيد ساٿين جا مڙھہ کڻي رهيو هو تہ هڪ سپر رائيفل جي گولي سندس مٿي ۾ لڳي. ميجر ضياءُ الحق 10 اپريل 2011ع تي مهمند ايجنسيءَ ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن دوران شھيد ٿي ويو. کيس 12 اپريل 2011ع تي سرڪاري اعزاز سان اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.05.19  عيسوي

ضياءُ الحق ولد قاضي عبدالوهاب ڪانڌڙو 19 مئي 1970ع تي ڳوٺ سيهڙ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.


2011.04.10  عيسوي

ميجر ضياءُ الحق 10 اپريل 2011ع تي مهمند ايجنسيءَ ۾ دهشتگردي خلاف آپريشن دوران شهيد ٿي ويو. کيس 12 اپريل 2011ع تي سرڪاري اعزاز سان اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دين محمد بوبڪائي مخدوم
شيخ محمد فاضل
شھباز شريف
شادي خان کوسو
بچل شاھہ مياڻي وارو
جت علي فقير
ڀاون سنگهہ جي تلريجا
احسان دانش ڀٽو
خواجہ محمد طاهر بخشي نقشبندي
الاهي بخش شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون