ضياء الدين شيخ سھروردي: نامور صوفي بزرگ شيخ ضياء الدين ابو نجيب پهريون سھروردي بزرگ آهي جنهن جي ولادت 490 ھہ/1097ع ۾ ٿي. هي عبدالقادر جي نالي سان پڻ مشھور آهي. سھروردي سلسلي جو نامور ۽ وڏي پايي جو بزرگ شيخ شھاب الدين عمر سھر وردي اصل ۾ شيخ ضياءَ الدين ابو نجيب جو سڳو ڀائٽيو ۽ شاگرد هو. سھروردي سلسلو شيخ عمر شھاب الدين کان هلندو اچي پر دراصل پهريون سھروردي بزرگ شيخ ضياء الدين ابو نجيب، ٻيو نمبر سھروردي بزرگ شيخ عمر شھاب الدين سھروردي ۽ ٽيون شيخ عمر شھاب الدين جو ڀاڻيجو شيخ شھاب الدين ابو الفتح المقول سھروردي آهي. جيڪو اشراقي فرقي جو باني پڻ هو.
شيخ ابو نجيب سهرورد جي علائقي ۾ گوشه نشيني مان نڪري بغداد ۽ دجله جي ڪناري تي پنھنجي خانقاھہ قائم ڪئي، هي بزرگ ايترو تہ مشھور ٿيو جو ابن نجار پنھنجي ڪتاب ’تاريخ بغداد‘ ۾ سندس هٿ اکر لکيل شجرهء نسب (سھروردي خاندان جو) شامل ڪيو. ’وفيات الاعيان‘ ۾ شيخ ضياء الدين سھروردي بابت ابن خلڪان لکي ٿو ته، ’ابو نجيب عبدالقادر پنھنجي وقت جو وڏو شيخ هو. هو سهرورد ۾ اٽڪل 490ھہ/1097ع ۾ ڄائو. ڳوٺ ڇڏي بغداد رسيو، جتي ”مدرسهء نظاميه“ ۾ شيخ اسعد المبهني ۽ ٻين استادن وٽ فقھ پڙهيو. فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ کيس گوشه نشيني اختيار ڪرڻ جو جوش جاڳيو ۽ هو آھستہ آھستہ صوفين جي رستي تي هلڻ لڳو. گهڻو عرصو ماڻهن سان ميل جول ڪرڻ کان پري رهيو ۽ خدا جي ياد ۾ مشغول رهيو. وڏي عرصي کانپوءِ واپس اچي هڪ جماعت (سھروردي) کي ﷲ تعاليٰ سان محبت ۽ ان جي پيروري ڪرڻ واري رستي تي سڏڻ لڳو. هي وعظ ۽ نصيحت ڪندو هو، جنهن ڪري خدا جي مخلوق جو وڏو حصو هن ڏانهن رجوع ڪرڻ لڳو.“ شيخ ضياء الدين ابو نجيب بغداد ۾ هڪ خانقاه تعمير ڪرائي جنهن ۾هن جا نيڪ مريد رهندا هئا. اتي ئي پنھنجي طريقي تي هڪ ڪتاب ”آداب المريدين‘ نالي لکيو جيڪو ڏاڍو مشھور ٿيو. جنهن کان پوءِ کيس ’مدرسہ نظاميه‘ ۾ تدريس جي آڇ ٿي هن اها آڇ قبول ڪئي ۽ ڪافي عرصي تائين انهي مدرسي ۾ درس ڏيندو رهيو. گڏوگڏ پنھنجي طريقي (سروردي) جي پرچار بہ ڪندو رهيو. حقيقي معنيٰ ۾ شيخ عبدالقادر ابو نجيب ئي سھروردي طريقي جو باني آهي. هن بزرگ مختلف مدرسن ۾ ديني تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ پنھنجي عبادت ۽ رياضت کي پڻ جاري رکيو. شيخ ضياء الدين 74 سالن جي عمر ۾ جمعي جي ڏينهن 17 جماد الثاني 563 ھہ/5 اپريل 1168ع تي بغداد ۾ وفات ڪئي. کيس سندس خانقاھہ ۾ دفن ڪيو ويو. هن جي وفات کانپوءِ سندس ڀائيٽي شيخ الشيخ شھاب الدين عمر سھروردي سندس ڏسيل طريقي ’سهرورديه‘ کي اڳتي وڌايو.