ضياءُ الدين، مخدوم: ڪلهوڙن جي دؤر جو جيد عالم ۽ شاعر مخدوم ضياءُ الدين 1679ع ڌاري سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني واري شھر ٺٽي ۾ جنم ورتو. هن، مخدوم عنايت ﷲ کان تعليم پرائي ۽ بعد ۾ پاڻ مدرسو کوليو. هو پنھنجي دؤر جو بھترين شاعر هو ۽ مخدوم ابوالحسن کان تمام متاثر هو، انهيءَ ڪري مخدوم ابوالحسن جيان پنھنجي ڪتاب جو نالو بہ ’ضياءُ الدين جي سنڌي‘ رکيائين. سندس ڪلام ۾ روزي، نماز سان گڏ ٻيون اسلامي ڳالهيون سمجهايل آهن. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
جي نہ رسين امام کي تہ ڇڏج سنتا،
ڪج اقتدا امام سين فرض کي سجا،
ري قرض سنت کي قضا ناھہ روا،
ڏني انهيءَ قول تي عالمن فتويٰ.
مخدوم صاحب جي وفات ٺٽي ۾ 78 ورهين جي ڄمار ۾ 1757ع ۾ ٿي.