ضياء الدين نخشبي

ضياءَ الدين نخشبي: ضياءَ الدين صوفي جو تعلق بدايون سان هو. سندس تخلص نخشبي هو. اخبار الاحيار ۽ خزنيته صفيا مطابق کيس سلطان العارفين شيخ حميد الدين ناگوري جي پوٽي حضرت شيخ فريد سان تمام گهڻي عقيدت هئي پر ڪجهہ تاريخ نويسن جي راءِ آهي تہ ضياءَ الدين نخشبي خواجہ نظام الدين اولياء جو مريد هو. ضياءَ الدين جيڪي ڪتاب لکيا انهن ۾ ’سلڪ اسلوڪ‘، ’عشرہ منشبره‘، ’ڪليات و جزئيات‘، ’شرح دعاء سرياني‘ ۽ ’طوطي ناما‘ شامل آهن. سندس لکيل ڪتاب ’طوطي ناما‘ ۾ 52 عبرت آموز ڪهاڻيون ڏنل آهن. سندس انهن ڪهاڻين کي انگريزيءَ ۾ بہ ترجمو ڪيو ويو آهي. ان کان علاوہ سندس هڪ ٻيو مشھور ڪتاب ’ناموس اڪبري‘ ۾ صوفياڻي انداز ۾ انساني عضون، جھڙوڪ: ڪن، اک، هٿ ۽ پيرن وغيرہ جي خاصتين کي بيان ڪيو اٿس. ضياءَ الدين نخشبي پنھنجي زندگي گونشه نشيني ۾ گذاري. هن 751ھہ/1350ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ ضياء الدين نخشبيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو