ضياءُ خياروي

ضياءُ خياروي

ضياء خياروي

ضياءُ خياروي: مشھور شاعر پير ضياءُ خياروي ولد پير غياث الدين 22 جنوري 1937ع تي ڳوٺ درگاھہ خياري تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاھہ (موجودہ بينظيرآباد) ۾ ڄائو. هي 1952ع ۾ نوابشاھہ مان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري اتي ئي پرائمري استاد مقرر ٿيو. 4 اپريل 1955ع تي سندس بدلي ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري ۾ ٿي، جتي 16 سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ واپس ضلعي نوابشاھہ ۾ آيو. سندس والد عربي، فارسي جو ڄاڻو هو ۽ ان جي ئي ادبي تعليم جي ڪري هن لکڻ شروع ڪيو ۽ 1958ع کان عروض تي شاعري ڪرڻ لڳو. 1959ع کان 1961ع تائين ٽيچرس ٽريننگ اسڪول سڪرنڊ ۾ تربيت دوران ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. ضيا، سنڌ جي مشاعرن ۾ اڪثر شريڪ ٿيندو آهي ۽ سندس ڪلام مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو. سندس غزلن جو هڪ مجموعو ’ڪشڪول سخن‘شايع ٿي چڪو آهي. هن وقت اباڻي ڳوٺ خياري ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ضياء خيارويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.01.22  عيسوي

پير ضياءُ خياروي ولد پير غياث الدين 22 جنوري 1937ع تي ڳوٺ درگاهه خياري تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (موجوده بينظيرآباد) ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٺٽوي غلام مرتضيٰ شاھہ مرتضائي
پرسرام ارجن داس ڪمل
چانڊيو محمد حسن
ڀڳت مدن
اظهر ريلائي
گل محمد رند
کيئلداس فاني
خليفو غلام نبي لغاري
ساره شگفتہ
مراد علي ڪاظم شيخ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون