ضياء شاهه

ضياءَ شاهه: نامور شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم ضياءَ شاهه 2 مئي 1952ع تي ڪڙي نواب خان، شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي آهي. 1971ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1998ع ۾ رٽائر ٿيو. ضيا شاهه 1983ع ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ مسلسل لکندو پيو اچي. هن جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ‘خالي آکيرو’ ڇپيل آهي، جڏهن ته ترجمي تي کيس ‘ڪينجهر اوارڊ’ پڻ مليو اٿس. اڄڪلهه شڪارپور شهر ۾ هڪ خانگي ڪاليج ۾ سنڌي مضمون جو ليڪچرار آهي.


لفظ ضياء شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.05.02  عيسوي

ضياءَ شاهه 2 مئي 1952ع تي ڪڙي نواب خان، شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻاجهاڻي (پاڙو)
چوچڪ بيگم
ميرڪ عبدالرحمان ٺٽوي
جان محمد جانڻ منگي
پونجو سيٺ
قمر ڪوهستاني
رئيس امام بخش
جيسر حافظ محمد اسماعيل
جوڻيجو منصور قادر
رند نواز علي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون