طائي (ذات): هڪ عرب قبيلو، جن مان ڪجهہ هجرت ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. عربن ۾ هڪ ”جبريه“ قبيلو آهي هي انهن مان آهن، هنن کي تيمي بہ چون ٿا. محمد بن قاسم، موسيٰ بن يعقوب طائي کي اروڙ جو قاضي مقرر ڪيو هو. ڪتاب” سومرن جو دور“ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڄاڻائي ٿو تہ ”طائي“ سومرا آهن. عمار بن حسان طائي شھيد ڪربلا پڻ هن ”طائي“ قبيلي مان ٿي گذريو آهي.