مولانا طارق جميل سوهو

مولانا طارق جميل سوهو

طارق جميل سوهو

طارق جميل سوهو: مولانا طارق جميل سوهو، پهرين جنوري 1953ع تي ڳوٺ آڙي والا سوهو لڳ تلمبا، ميان چنون ضلع خانيوال ۾ ڄائو، پرائمري ۽ سيڪنڊري پاس ڪرڻ کانپوءِ انٽر پري ميڊيڪل ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان پاس ڪيائين ۽ ايم. بي. بي. ايس ۾ داخلا ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج لاهور ۾ ورتائين، جتي اسلامي تعليمات سان دلچسپي وڌڻ ڪري سندس لاڙو اسلام ڏانهن ٿيو. جتي قرآن، حديث، شريعت، فقہ ۽ تصوف جا علم پڙهيو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان آهي. هن وقت فيصل آباد ۽ پنھنجي ڳوٺ ۾ ديني مدرسا قائم ڪيا اٿس، جتي سڄي دنيا کان مسلمان شاگرد اچي ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. مولانا صاحب جا اسلام متعلق ليڪچر آفاقي حيثيت رکن ٿا. مولانا صاحب سني، حنفي طريقي سان تعلق رکي ٿو ۽ تبليغي جماعت سان واڳيل آهي. پاڻ اسلام ۽ دين متعلق 500 ڪتاب لکي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.01.01  عيسوي

مولانا طارق جميل سوهو، پهرين جنوري 1953ع تي ڳوٺ آڙي والا سوهو لڳ تلمبا، ميان چنون ضلع خانيوال ۾ ڄائو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ذهبي
ڊومڪي علامہ مقصود علي
فتح محمد نظاماڻي
آخوند ﷲ بخش ڀٽي سيتائي
محمد هاشم سومرو
درس محمد واصل
سيد امير محمد شاھہ
شيخ نوح هوٿياڻي
غلام عمر آريجو
عبدالرحيم مفتي سڪندري
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون