طاغوت (اصطلاح): طاغوت عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ بُت، جادو، جادوگر، گمراهنجواڳواڻ، سرڪش، ديو ۽ ڪاهن (جنن ذريعي غيب جون خبرون ٻڌائيندڙ) آهي؛ شرعي اصطلاح ۾ خاص طور تي اهو ماڻهو مراد آهي، جيڪو ناجائز ڪم ڪندڙ ڏوهاري ٽولي جو سردار هجي. اسلامي اصطلاح ۾ هن سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ وسعت آهي، يعني طاغوت مان مراد اهو حڪمران آهي، جيڪو الله تعاليٰ جي قانون کي ڇڏي ٻئي قانون موجب فيصلو ڪري ٿو ۽ اهو عدالت جو نظام به ان ۾ اچي ٿو، جيڪو نه ته مقتدر اعليٰ يعني الله تعاليٰ جو تابعدار هجي ۽ نه الله تعاليٰ جي نازل ڪيل ڪتاب کي سَنَد مڃيندو هجي، تنهنڪري قرآن مجيد جي هڪ آيت جي حوالي سان هيءَ ڳالهه طئي آهي ته جيڪا عدالت طاغوت جي حيثيت رکي ٿي، ان وٽ پنهنجي معاملن جي فيصلن لاءِ وڃڻ ايمان جي خلاف آهي، قرآن مجيد موجب الله تعاليٰ تي ايمان ۽ طاغوت کان انڪار ٻئي لازم ۽ ملزوم آهن، ڇو ته قرآن توحيد جو مذهب آهي، جيڪڏهن خدا تعاليٰ ۽ طاغوت ٻنهيءَ جي سامهون مٿو جهڪايو وڃي ته پوءِ ايمان جي بنيادي شرط تي پورو لهي نه ٿو سگهجي.