طالب المولىٰ اڪيڊمي هالا: هن اڪيڊمي جو بنياد مشھور روحاني پيشوا محقق ، اديب ۽ شاعرمخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي نالي پٺيان سندس پوٽي مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ 1989ع ڌاري وڌو جنهن جو خاص مقصد مخدوم طالب المولى جي اڻ ڇپيل ڪتابن کي ڇپرائي توڙي مخدوم صاحب جي اڳ ڇپيل يا ختم ٿي ويل ڪتابن کي ٻيهر ڇپرائڻ آهي. ان کانسواءِ سندس سنڌي، اردو ۽ سرائيڪي ڪلامن جون ڪيسٽون جاري ڪرڻ، ڳايل ڪلام جا رڪارڊ محفوظ ڪرڻ، يادگار تصويرون گڏ ڪري ڪتابي البم جي صورت ۾ منظرِعام تي آڻڻ، علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي تجربات تي مشتمل ڊائرين کي ترتيب ڏئي پڌرو ڪرڻ ۽ سندس ’سوانح حيات کي شايع ڪرائڻ هو. هي ادارو ’سروري تنظيم’ جو هڪ ذيلي ادارو آهي. طالب المولى اڪيڊمي پاران ڇپيل ڪتابن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي. (1) مصري جون تڙون- (نثري ٽڪرا/خيال)، (2) آب حيات (شاعري)، (3) غزالي جا خط'>امام غزالي جا خط (ترجمو)، (4) رباعيات طالب (شاعري) (5) مضامين طالب المولى (علمي، ادبي مضمون)، (6) چهنڊڙيون (شاعري)، (7) بھارستان (شاعري)، (8) سدا وسين سنڌڙي (شاعري) منهنجو ننڍپڻ (يادگيريون)، (9) ڇپر ۾ ڇڙيون (شاعري). طالب المولى اڪيڊمي طرفان، مخدوم طالب المولى جي ڪتابن کانسواءِ مخدوم طالب المولى تي ڪتاب ۽ ڪجهہ ٻين ليکڪن جا ڪتاب پڻ شايع ڪرايا ويا آهن، جيڪي هن ريت آهن: انهن سندي ڳالهڙي (مرتب: مخدوم جميل الزمان)، عقيدت جا گل (مرتب: اسلم پيرزادو) ، سوز ۽ ساز: محمد حسن ساز، ٻولي ڪبي نہ ٻي: مخدوم سعيد الزمان، عشق نہ چرچو ڀانءُ: مخدوم سعيد الزمان، سنڌ جي واقعاتي تاريخ (570 کان 1990ع) مرتب مخدوم جميل الزمان، سنگ در، سيد علي احمد شاھہ اجناڻي ساقي سروري، سيد فتح محمد شاھہ اجناڻي (مرتب: مخدوم جميل الزمان)، پيغام نوح رضہ: رحيم داد مولائي شيدائي ، محفل- حيدر شاھہ حيدر، تذڪره مخدوم ميان هالا: مخدوم جميل الزمان . طالب المولى اڪيڊميءَ طرفان مخدوم طالب المولى جي پهرين ورسي جي موقعي تي 11 جنوري 1994ع هڪ ادبي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت شھيد بينظير ڀٽو ڪئي. ان سيمينار ۾ مختلف شخصيتن تي ’مخدوم طالب المولى اوارڊ‘، مولانا غلام مصطفى قاسمي، احسن الهاشمي، نياز همايوني، ڊاڪٽر يار محمد جهنجهو، رئيس علي نواز انڙ، استاد فيروز گل، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ مصري ڪاڪا وغيرہ. ان کانسواءِ ’طالب المولى اڪيڊمي‘ ننڍا وڏا ادبي پروگرام ڪندي رهي ٿي.