طالب حسين ڀورو بروهي

طالب حسين ڀورو بروهي

طالب حسين ڀورو بروهي

طالب حسين ”ڀورو“ بروهي: ملھہ پهلوان طالب حسين عرف ڀورو بروهي جي والد جو نالو نيڪ محمد بروهي آهي. سندس تعلق ڳوٺ عبدالله بروهي، ضلعي ٺٽي سان اٿس. کيس ملھہ جو شوق ورثي ۾ مليو، جو سندس والد ۽ ڀاءُ عبدالله بروهي پڻ ملھہ پهلوان هئا. هن ملھہ جي تربيت ٺٽي جي مشھور ملھہ پهلوان هئنڊل مڪراني کان ورتي، جنهن مڪمل سکيا بعد شاگردي جو ڌاڳو ٻڌي، ملھہ وڙهڻ جي اجازت ڏني. هن ملھہ وڙهڻ جي شروعات ٽئين جوڙ کان ڪئي. ٽئين جوڙ ۾ وڙهندي هڪ سال اندر ڪيترن ئي ملاکڙن ۾ سوڀ ماڻي ٻئي جوڙ ۾ شامل ٿيو. ٻئي جوڙ ۾ ڏهن سالن تائين وڙهڻ کان پوءِ ڪجهہ عرصو ملھہ وڙهڻ ڇڏي پنھنجي زمينداري سنڀالڻ لڳو. چئن سالن کان پوءِ ٻيهر ميدان ۾ آيو ۽ وري وڙهڻ شروع ڪيائين. 1978ع ڌاري پهرئين جوڙ ۾ شامل ٿيو. مختلف ملاکڙن ۾ تڳيو ڦل، سليمان مير بحر، قادر بخش مير بحر، حاجن ٻگهيو، ٻيڙو مير بحر، بھادر ڪلهوڙو،غلام قادر لغاري، اڪن ڪنڀر، خان خشڪ'>حاجي خان خشڪ سميت ڪيترن اتر ۽ لاڙ جي نالي چڙهيل پهلوانن سان مقابلا ڪيائين. پاڻ عام طور لاڙ جي طرف کان وڙهندو هو. هن 1985ع ڌاري ملھہ وڙهڻ ڇڏي ڏنو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو