طالب ﷲ مخدوم

طالب الله، مخدوم: هي مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو ڏاڏو ۽ مخدوم محمد اميين جو پيءُ هو. مخدوم طالب بدين جو رهاڪو هو ۽ ذات جو دل لاکو هو. هي وڌي ڪرامت ۽ فضيلت وارو بزرگ هو. هن پنھنجي وڏي پٽ محمد کي پنھنجي پاران اورنگزيب عالمگير جي دربار ۾ موڪليو، جتان سندس پٽ محمد کي ڏھہ هزار ڌرم معاش لاءِ ۽ هڪ رپيو روزانو مدرسي جي خرچ لاءِ مقرر ٿي پروانو عطا ٿيو. اورنگزيب عالمگير جي خاص مقربن مان مير منشي فاضل خان، مخدوم طالب جو خاص مريد هو. انهي ڪري مير منشي فاضل خان پنھنجي نياڻيءَ جو سڱ مخدوم طالب جي پٽ مخدوم محمد امين کي ڏنو، مخدوم محمد اميين کي انهي گهرواريءَ مان پٽ جو اولاد ٿيو سندس اهو پٽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي نالي سان مشھور ٿيو. مخدوم طالب وڏي عمر ۾ مغل گورنرن جي دؤر ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو