طاهره سيد
طاهره سيد: مشهور گائڪه طاهره سيد 1958ع ۾ لاهور ۾ ڄائي. سندس والده ملڪه پکراج پاڪستان جي مشهور ڪلاسيڪل ڳائڻي هئي. هن جو تعلق ڄمون ڪشمير ۽ پشتون خاندان سان هو. هن جو والد شبير حسين پنجاب حڪومت جو مشهور ڪامورو هو. طاهره سيد سينئر ڪيمبرج جو امتحان ڪانوينٽ آف چيزز اينڊ ميري اسڪول لاهور مان، گريجوئيشن لاهور ڪاليج مان ڪرڻ کان پوءِ ايل. ايل. بي جو امتحان ۽ انگريزيءَ ۾ ايم. اي پنجاب يونيورسٽي مان ڪئي. هن ڳائڻ جي شروعات 12 سالن جي عمر کان پنهنجي ماءُ جي نگرانيءَ ۾ ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي باقي تعليم اختر حسين کان مڪمل ڪئي. آخر ۾ هن گيت غزل ۽ هلڪي ڦلڪي موسيقي استاد نظر حسين کان ورتي. هن پهريون ڀيرو 1968ع ڌاري ريڊيو پاڪستان لاهور تي ڳايو ۽ پوءِ جلد پاڪستان ٽيليويزن تي نمودار ٿي. سندس مشهور ڪلام ”يه عالم شوق ڪا ديکا نه جائي“ ۽ ”جهانجهر ڦٻدي نه“ پنهنجي وقت ۾ ڏاڍا مشهور ٿيا. حفيظ جالنڌري جو لکيل غزل ”ابهي تو ۾ جوان هون“ پنهنجي وقت جو مشهور غزل به هن جي ماءُ ۽ هن ئي ڳايو هو. طاهره سيد سنڌي ۾ ڪلام ”پيچ پنهل مون سان پائي“ (سچل سرمست) ۽ ”من گهرئي مشتاق سان“ (صاحب ڏنو شاهه) به ڳايا آهن. اپريل 1985ع ۾ سندس تصوير ”جيوگرافڪ“ مئگزين جي ڪور تي ڇپي هئي. ان وقت ئي کيس پاڪستان ٽيليويزن طرفان لائيف اچيومنٽ اوارڊ ڏنو ويو. 1972ع تي کيس ”بهترين عورت ڳائڻي“ جو نگار اوارڊ ڏنو ويو. 2013ع ۾ کيس پرائڊ آف پرفارمنس جو صدارتي اوارڊ ڏنو ويو. هن جي شادي 1975ع ۾ مشهور قانوندان نعيم بخاري سان ٿي پر 1990ع ۾ تنهنجي وچ ۾ طلاق ٿي وئي. کيس ٻن ٻارن جو اولاد ٿيو. هن دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.