طاهره سيد

طاهره سيد

طاهرہ سيد

طاهرہ سيد: مشھور گائڪه طاهرہ سيد 1958ع ۾ لاهور ۾ ڄائي. سندس والدہ ملڪہ پکراج پاڪستان جي مشھور ڪلاسيڪل ڳائڻي هئي. هن جو تعلق ڄمون ڪشمير ۽ پشتون خاندان سان هو. هن جو والد شبير حسين پنجاب حڪومت جو مشھور ڪامورو هو. طاهرہ سيد سينئر ڪيمبرج جو امتحان ڪانوينٽ آف چيزز اينڊ ميري اسڪول لاهور مان، گريجوئيشن لاهور ڪاليج مان ڪرڻ کان پوءِ ايل. ايل. بي جو امتحان ۽ انگريزيءَ ۾ ايم. اي پنجاب يونيورسٽي مان ڪئي. هن ڳائڻ جي شروعات 12 سالن جي عمر کان پنھنجي ماءُ جي نگرانيءَ ۾ ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي باقي تعليم اختر حسين کان مڪمل ڪئي. آخر ۾ هن گيت غزل ۽ هلڪي ڦلڪي موسيقي استاد نظر حسين کان ورتي. هن پهريون ڀيرو 1968ع ڌاري ريڊيو پاڪستان لاهور تي ڳايو ۽ پوءِ جلد پاڪستان ٽيليويزن تي نمودار ٿي. سندس مشھور ڪلام ”يه عالم شوق ڪا ديکا نہ جائي“ ۽ ”جهانجهر ڦٻدي نہ“ پنھنجي وقت ۾ ڏاڍا مشھور ٿيا. حفيظ جالنڌري جو لکيل غزل ”ابهي تو ۾ جوان هون“ پنھنجي وقت جو مشھور غزل بہ هن جي ماءُ ۽ هن ئي ڳايو هو. طاهرہ سيد سنڌي ۾ ڪلام ”پيچ پنھل مون سان پائي“ (سچل سرمست) ۽ ”من گهرئي مشتاق سان“ (صاحب ڏنو شاھہ) بہ ڳايا آهن. اپريل 1985ع ۾ سندس تصوير ”جيوگرافڪ“ مئگزين جي ڪور تي ڇپي هئي. ان وقت ئي کيس پاڪستان ٽيليويزن طرفان لائيف اچيومنٽ اوارڊ ڏنو ويو. 1972ع تي کيس ”بھترين عورت ڳائڻي“ جو نگار اوارڊ ڏنو ويو. 2013ع ۾ کيس پرائڊ آف پرفارمنس جو صدارتي اوارڊ ڏنو ويو. هن جي شادي 1975ع ۾ مشھور قانوندان نعيم بخاري سان ٿي پر 1990ع ۾ تنھنجي وچ ۾ طلاق ٿي وئي. کيس ٻن ٻارن جو اولاد ٿيو. هن دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.


لفظ طاهرہ سيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو