طب: طب مان مراد علم العلاج ۽ علم الادويه آهي. هي سائنس جي هڪ شاخ آهي جنهن ۾ جسم بابت مڪمل معلومات ۽ صحت ۽ مرض بابت تفصيلي معلومات ملي ٿي. جيئن ته صحت ۽ مرض کي سمجهڻ لاءِ صحت جا سبب ۽ مرض جو ڄاڻڻ ضروري آهي انهي ڪري علم طب جي ماهر طبيب جو طبيغيات جي علمن جو ڄاڻڻ به لازمي آهي. دور حاضر ۾ علم جراثيم، علم ڪيميا، خودر بيني امتحان، ايڪسري ۽ برقي دل جو معائنو وارا مضمون به طبي سائنس جا ضروري حصا سمجهيو وڃي ٿو. علم طب جو مقصد آهي ته انسان جي طبعي صحت کي قائم رکيو وڃي ۽ اگر ڪنهن سبب جي ڪري صحت خراب ٿي وڃي ٿي ته زائل ٿيل صحت کي واپس آڻي مريض جي طبعي حالت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. هن علم جو موضوع براهه راست انساني جسم آهي. انهي ڪري هن علم کي ٻين علمن تي فوقيت حاصل آهي. هونئن ته سڀئي علم ڪنهن نه ڪنهن رستي انسان لاءِ فائديمند آهن پر علم طب جو سڀني کان مٿانهون مقام آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ٻين علمن وانگر علم طب به يونان جي سر زمين تي وجود ۾ آيو پر حقيقت هي آهي ته مسلمانن باالخصوص عربن به هن علم جي وڏي خدمت ڪئي آهي. علم طب صحيح معنيٰ ۾ مسلمانن جو قيمتي علمي خزانو آهي. طب ۾ عربن جي خدمتن جو آغاز ترجمي ۽ شرح سان ٿيو، عربن فوجي طاقت جي زور تي ايران، شام، هندستان، روم، يونان، مصر ۽ ڪلدان تي قبض ٿي انهن جي قديم طبي ڪتابن جا ترجما عربي ٻولي ۾ ڪيا ۽ حاشيا به لکيا، ان سلسلي ۾ آل حنين، آل بختيشوع، آل ثابت ۽ آل ماسويه جون خدمتون قابل ذڪر آهن. اهڙي طرح ترجمي ۽ شرح جي ميدان ۾ قسطا بن لوقا، حجاج بن مطر، ابن البطريق، عيسيٰ بن يحييٰ، احمد بن ابي الاشعث، ابن جلجل ۽ يوحنا بن ماسويه جهڙن عالمن جون محنتون ۽ خدمتون پڻ قابل تعريف آهن. علم طب جي عربن عالمن يوناني مصنفن مان بقراط ۽ جالينوس کي وڏي اهميت ڏني. بقراط جي طبي ڪتابن جا عربي ٻوليءَ ۾ حنين بن اسحٰق، قسطا بن لوقا، عيسيٰ بن يحييٰ ۽ عبدالرحمان بن علي ترجما ڪيا. اهڙي طرح يوناني طبيبن جون چوڏهن طبون عربيءَ ۾ ترجمو ڪيون ويون. عرب دؤر ۾ عيسائي طبيب وڏي اهميت جوڳا هوندا هئا، انهن ۾ يوحنا ابن ماسويه خليفي هارون رشيد جو خاص طبيب هو. هن ڪيترائي ڪتاب عربيءَ ۾ترجما ڪيا ۽ ان کانسواءِ بغداد ۾ طب جو علم پڙهائڻ تي پڻ فائز هو. اهڙي طرح طب جو علم ترقي وٺندو ويو. علم طب جڏهن ايران جي رستي هند و پاڪ پهتي ته ويتر طب جي علم ۾ ترقي آئي. فارسي ٻوليءَ ۾ آيور ويدڪ جو اهم ڪتاب ”معدن الشفاء سڪندر شاهي“ بهوه بن خاص خان، سلطان، سڪندر لوڌي جي عهد (918هه/1512ع) ۾ تاليف ڪيو. اهڙي طرح طب جو علم ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي ويو.