طب ترياق قلمي نسخو

طب ترياق قلمي نسخو

طب ترياق قلمي نسخو

طب ترياق (قلمي نسخو): فارسي ٻوليءَ واري هن طب جو مصنف غلام محمد سومرو آهي. طب شڪستہ واري خط ۾ تحرير ٿيل آهي ۽ ڪٿي ڪٿي نستعليق ۾ تحرير ٿيل آهي. نسخي جي ڪاتب ۽ ڪتابت جي سن بابت طب ۾ ڪٿي ڄاڻايل نہ آهي. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
” بنو شد شفاگردد انشاءَ تعاليٰ...“
۽ پڄاڻي هيئن ٿئي ٿي:
”... دريڪتائي خزينہ معرفت و شرافت عين انسان.“
30 صفحن تي مشتمل هي طب اول ۽ آخر کان ناقص آهي. هر صفحي تي 14 سٽون تحرير ٿيل آهن. نسخي ۾ مختلف بيمارين جا علاج ۽ دوائن جا نسخا ڄاڻايل آهن. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو